صدر آصف علي زرداري پاران بنگلاديش ۾ زلزلي سبب قيمتي جانين جي زيان تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد – 21 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بنگلاديش ۾ ڍاڪا ۽ نرسنگدي جي علائقن ۾ زلزلي جي ڪري قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي سوڳوار خاندانن سان دلي تعزيت ڪئي ۽ فوت ٿيندڙن جي درجن جي بلنديءَ ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڍاڪا ۾ عمارتن …

اسلام آباد – 21 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بنگلاديش ۾ ڍاڪا ۽ نرسنگدي جي علائقن ۾ زلزلي جي ڪري قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي سوڳوار خاندانن سان دلي تعزيت ڪئي ۽ فوت ٿيندڙن جي درجن جي بلنديءَ ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڍاڪا ۾ عمارتن جي جزوي نقصان، ملبو ڪِري پوڻ ۽ بنيادي ڍانچي کي پهچندڙ نقصان تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن بنگلاديشي حڪومت خاص طور تي چيف ايڊوائيزر پروفيسر محمد يونس پاران فوري هنگامي قدمن کي ساراهيو ۽ چيو ته پاڪستاني قوم ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ بنگلاديش جي عوام ۽ حڪومت سان مڪمل يڪجهتي سان گڏ بيٺل آهي.

مزید خبریں