عالمي معيشتون تيزيءَ سان صاف توانائي، گهٽ ڪاربان ترقي ۽ پائيدار صنعتي تبديليءَ طرف وڌي رهيون آهن: مصدق ملڪ

اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير سينيٽر ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته عالمي معيشتون تيزيءَ سان صاف توانائي، گهٽ ڪاربان ترقي ۽ پائيدار صنعتي تبديليءَ طرف وڌي رهيون آهن، ايتري ۾ هڪ منصفاڻو، آبهوا کان محفوظ ۽ معاشي طور تي چٽاڀيٽي واري مستقبل کي يقيني بڻائڻ لاءِ ملڪ ۾ ۽ عالمي سطح تي سبز مهارتن ۾ سيڙپڪاري اڻٽر ٿي چڪي …

اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير سينيٽر ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته عالمي معيشتون تيزيءَ سان صاف توانائي، گهٽ ڪاربان ترقي ۽ پائيدار صنعتي تبديليءَ طرف وڌي رهيون آهن، ايتري ۾ هڪ منصفاڻو، آبهوا کان محفوظ ۽ معاشي طور تي چٽاڀيٽي واري مستقبل کي يقيني بڻائڻ لاءِ ملڪ ۾ ۽ عالمي سطح تي سبز مهارتن ۾ سيڙپڪاري اڻٽر ٿي چڪي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن يو اين ڪلائميٽ سمٽ (ڪوپ 30) ۾ پاڪستان پويلين تي منعقد ٿيل اعليٰ سطحي سائيڊ ايونٽ ۾ هڪ پائدار پاڪستان لاءِ سبز مهارتن جي تعمير کي اهم خطاب ڪندي ڪيو. ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته دنيا اقتصادي ۽ صنعتي نظامن جي غير معمولي تبديلين مان گذري رهي آهي جتي کربين ڊالر تجديد جوڳي توانائي، موسمياتي موافق انفراسٽرڪچر، بيٽري ٽيڪنالاجي، گرين ٽرانسپورٽ ۽ سرڪلر اڪانومي ۾ منتقل ٿي رهي آهي. هن چيو ته اهي تبديليون روزگار، مارڪيٽ ۾ چٽاڀيٽي، عالمي واپاري قانونن ۽ قومي ترقيءَ جي ماڊلز جي نوعيت ۾ تبديل ٿي رهيون آهن هن چيو ته پاڪستان دنيا جي موسمياتي لحاظ کان سڀ کان وڌيڪ ڪمزور ملڪن ۾ هڪ هئڻ باوجود نوجوان آبادي، ڪاروباري صلاحيت، وڌندڙ ٽيڪنالاجي ايڪو سسٽم ۽ ان شعور سبب وڏا موقعا رکي ٿو ته مستقبل جي معيشت سبز، جامع ۽ جدت تي ٻَڌل هوندي. هن چيو ته سبز مهارتن جي ترقي هاڻ اختيار ناهي پر لازمي ٿي چڪي آهي، ڇاڪاڻ ته موسمياتي لچڪ ۾ واڌ، صاف توانائي جي منتقلي، وسيلن جي اثرائتي استعمال ۽ عالمي سبز سيڙپڪاري تائين پهچ جو ذريعو آهي. ڊاڪٽر مصدق ملڪ خبردار ڪيو ته يورپي يونين جو ڪاربن بارڊر ايڊجسٽمينٽ مڪينزم جنهن کي نئين واپاري قدمن وارن ملڪن تي زور وجهي رهيو آهي ته هو سپلاءِ چينز کي ڪاربن کان پاڪ ڪن ۽ اهڙي افرادي قوت تيار ڪن جيڪي نئين معيار تي پورو لهي سگهن. هن چيو ته جيڪڏهن اُسرندڙ ملڪ وقت سر پنهنجي ورڪ فورس کي ٻيهر تربيت نه ڏني ته عالمي مارڪيٽ سخت ماحولياتي گهرجن سان پويان رهجي وڃڻ جو خطرو وڌي ويندو. وفاقي وزير زور ڀريو ته گهٽ ڪاربن معيشت طرف منتقلي منصفاڻي ۽ برابريءَ تي ٻَڌل هئڻ گهرجي ته جيئن روايتي، فوسل فيول تي ٻَڌل روزگار تي ڀاڙيندڙ ماڻهو متاثر ٿيڻ بجاءِ مضبوط ٿين. هن چيو ته پاڪستان جهڙن ملڪن لاءِ سبز تبديلي پورهيتن جي تحفظ سان گڏوگڏ معاشي ترقي جا نوان رستا کوليندو. موسمياتي عمل کي انساني وسيلن جي ترقيءَ سان جوڙڻو پوندو. هن چيو ته جيتوڻيڪ پاڪستان موسمياتي عمل کي قومي فريم ورڪ، پاليسين ۽ شعبه جاتي منصوبن ۾ شامل ڪيو آهي پر صرف پاليسيون ڪافي ناهن جيستائين ان تي عملدرآمد لاءِ تربيت يافته افرادي قوت موجود نه هجي جيئن ته سولر ۽ ونڊ سسٽمز هلائڻ لاءِ فني ماهر، مضبوط انفراسٽرڪچر بنائڻ وارا انجنيئرز، موسمياتي حالتن سان هم آهنگ پوکي ڄاڻيندڙ آبادگار ۽ مقامي طور تي تيار ٿيل موسمياتي ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏيڻ وارا ماهر. ڊاڪٽر مصدق ملڪ ترقياتي ڀائيوارن، مالياتي ادارن، عالمي تنظيمن ۽ نجي شعبي کان اپيل ڪئي ته هو پاڪستان سان گڏجي موسمياتي تعليم، پيشيوراڻي تربيت ۽ ٽيڪنالاجي تائين رسائيءَ کي واڌ ڏين. هن چيو ته انسانن تي سيڙپڪاري ڊگهي مُدي واري موسمياتي هدفن ۽ معاشي جدت لاءِ تمام اهم آهي. ان سائيڊ ايونٽ ۾ پاليسي ساز، محقق، ملٽي ليٽرل ڊولپمينٽ بئنڪس ۽ فني ماهرن ان ڳالهه جو جائزو ورتو ته اُسرندڙ ملڪن ڪهڙيءَ طرح موسمياتي مهارتن جي وڌندڙ طلب ۽ محدود فراهميءَ وچ ۾ پيدا ٿيندڙ خال کي ڀري سگهن ٿا. اجلاس جا انتظام مئنيجنگ پارٽنر سهيل اينڊ پارٽنرز ايل ايل پي ۽ پرو وائيس چانسلر سهيل يونيورسٽي ڪئي. رياست پارا جي اٽارني ۽ ڪوپ 30 ڪميٽيءَ جي صدر تاٽيلا پمپلونا چيو ته صاف توانائي جي منتقليءَ جي ڪاميابيءَ لاءِ قانونسازي ۽ گورننس فريم ورڪ ۾ انصاف، برابري ۽ پورهيتن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ ضروري آهي. ورلڊ بئنڪ جي ماحولياتي مشير پائولار ڊولفي ملٽي ليٽرل بئنڪن طرفان جاري مالي ۽ اداره جاتي معاونت جو ذڪر ڪندي چيو ته موسمياتي هدف ان وقت تائين حاصل نٿا ٿي سگهن جيستائين ملڪ اُڀرندڙ سبز ويليو چينز لاءِ گهربل افرادي قوت جي منظم تربيت ۾ سيڙپڪاري نه ڪن.

مزید خبریں