اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي) دبئي ايئر شو تي ڀارتي گهمنڊ ۽ دفاعي تياري مٽيءَ ۾ ملي وئي، دبئي ايئر شو ۾ ڀارتي جنگي جهاز تيجس جي ڪِري تباهه ٿيڻ سان ڀارت جو پاڻمرادو آتم نرڀرتا جون دعوائون وڏي ايونٽ ۾ عالمي سطح تي مٽيءَ ۾ ملي ويا. خبر موجب ڏهاڪن کان وڌائي چڙهائي پيش ڪيل دعوائون سياسي نمائش ۽ ميڊيا ذريعي بڻايل تاثر ڪجهه سيڪنڊن ۾ ان وقت …
دبئي ايئر شو ۾ ڀارتي غرور ۽ دفاعي تياري مٽيءَ ۾ ملي وئي، ايئر شو ۾ ڀارتي جنگي جهاز تيجس ڪِري تباهه ٿيڻ سان ڀارت جو پاڻمرادو آتم نرڀرتا جي دعويٰ سڀ کان وڏي ايونٽ ۾ مٽيءَ ۾ ملي وئي

مزید خبریں
اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي) دبئي ايئر شو تي ڀارتي گهمنڊ ۽ دفاعي تياري مٽيءَ ۾ ملي وئي، دبئي ايئر شو ۾ ڀارتي جنگي جهاز تيجس جي ڪِري تباهه ٿيڻ سان ڀارت جو پاڻمرادو آتم نرڀرتا جون دعوائون وڏي ايونٽ ۾ عالمي سطح تي مٽيءَ ۾ ملي ويا. خبر موجب ڏهاڪن کان وڌائي چڙهائي پيش ڪيل دعوائون سياسي نمائش ۽ ميڊيا ذريعي بڻايل تاثر ڪجهه سيڪنڊن ۾ ان وقت ڪِريا جڏهن جهاز زمين سان وڃي ٽڪرايو. 83 بلين ڊالرن جي دفاعي بجيٽ کي جهڙي تبديليءَ جو ذريعو قرار ڏنو ويندو هو اهو آخرڪار رن وي تي ڇڙوڇڙ ٿيندي ملبي جي صورت ۾ نظر آيو. هي حادثو صرف هڪ جهاز جو ناهي پر ڀارتي هٿياربند فوج ۽ ان جي نظام ۾ موجود گهري زوال ۽ پستيءَ کي پوري دنيا آڏو کڻي آيو جنهن شيءِ کي ڀارت مقامي صلاحيت جو ثبوت بڻائي پيش ڪندو رهيو، ان درحقيقت اداره جاتي ڪمزورين کي ظاهر ڪري ڇڏيو. اهو معيار، حفاظت ۽ جوابدهي کي برقرار رکڻ جي مڪمل ناڪامي آهي. آمريڪي ڪانگريس جي رپورٽ اڳ ئي هندستاني دفاعي خريداريءَ ۾ ڪرپشن، عدم شفافيت ۽ سياسي مداخلت جي نشاندهي ڪري چڪي هئي. هي حادثو ان خدشن جي عملي تصوير بڻجي سامهون آئي. اُڏام کان اڳ گردش ڪندڙ تصويرن ۾ ليڪيج ۽ ڪمزوري واضح هئا، ان باوجود عملدران مشهوريءَ لاءِ جهاز اُڏارڻ جو فيصلو ڪيو، نظر ايندڙ فني نقصانن باوجود جهاز اُڏارڻ ان ذهنيت کي ظاهر ڪري ٿو جيڪو بيورو ڪريٽڪ تڪبر ۽ ان نظام مان جڙي ٿو جتي تاثر، حقيقت کان وڌيڪ اهم سمجهيو وڃي ٿو. ڀارت دبئي ايئر شو ۾ پنهنجي فوجي گهمنڊ ڏيکارڻ چاهيو ٿي پر جيڪو ڪجهه سامهون آيو اهو ان جي فيصله سازي، انجنيئرنگ چين ۽ ڪمانڊ ڍانچي ۾ موجود خرابين جو اظهار هو. تيجس جو هي حادثو هڪ واضح ياد دهاني آهي ته ڪو به بيانيو ميڊيا هائپ يا مشهوري مهم ان نظام جي حقيقت نٿي لڪائي سگهي جيڪا اندران زبون حال ٿي چڪي آهي.











