آئين جي تشريح شفافيت، آزادي ۽ ديانتداري سان ڪئي ويندي، بنيادي حقن جو تحفظ عدالت جي پهرين ترجيح هوندو: چيف جسٽس وفاقي آئيني عدالت

اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي) پاڪستان جي وفاقي آئيني عدالت جي پهرين چيف جسٽس امين الدين خان چيو آهي ته آئين جي تشريح شفافيت، آزادي ۽ ديانتداري سان ڪئي ويندي، بنيادي حقن جو تحفظ عدالت جي پهرين ترجيح هوندو. پنهنجي افتتاحي بيان ۾ چيف جسٽس امين الدين خان چيو ته وفاقي آئيني عدالت جو قيام ملڪ جي آئيني تاريخ ۾ هڪ تاريخي سنگ ميل آهي، جيڪو رياستِ پاڪستان ۾ …

اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي) پاڪستان جي وفاقي آئيني عدالت جي پهرين چيف جسٽس امين الدين خان چيو آهي ته آئين جي تشريح شفافيت، آزادي ۽ ديانتداري سان ڪئي ويندي، بنيادي حقن جو تحفظ عدالت جي پهرين ترجيح هوندو. پنهنجي افتتاحي بيان ۾ چيف جسٽس امين الدين خان چيو ته وفاقي آئيني عدالت جو قيام ملڪ جي آئيني تاريخ ۾ هڪ تاريخي سنگ ميل آهي، جيڪو رياستِ پاڪستان ۾ قانون جي حڪمراني ۽ آئينِ اسلامي جمهوريه پاڪستان جي مستحڪم وعدي سان قومي وابستگي جي تجديد ڪري ٿو. هن ان ذميداريءَ کي نهايت نازڪ ۽ اهم فرض قرار ڏنو ۽ واضح ڪيو ته عدالت جو ڪردار صرف فيصلو ڪرڻ ناهي پر هڪ مقدس امانت آهي جيڪو شهرين جي زندگين، آزادين ۽ مستقبل تي سڌيءَ ريت اثرانداز ٿئي ٿي. هن چيو ته عدالت کي اهڙو فورم بڻائڻ گهرجي جيڪو ديانت، غير جانبداري ۽ علمي بصيرت جي اعليٰ مثال هجي. عدالت ۾ ايندڙ هر معاملي کي آئين جي بالادستي، انصاف جي اصولن ۽ عدالتي وقار سان غير معمولي احتياط ۽ منصفاڻي طريقي سان اُڪلايو وڃي. چيف جسٽس چيو ته عدالت اهڙيون عدالتون روايتون جوڙڻ جي خواهشمند آهي جيڪي دليل ڀريل فيصلن، اداره جاتي وقار ۽ عوامي اعتماد تي ٻَڌل هجن. هن پهرين چيف جسٽس جي حيثيت سان ان منصب کي پنهنجي لاءِ اعزاز قرار ڏيندي چيو ته کيس هڪ نئين اداري جي بنيادن جي تعين ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو مليو. چيف جسٽس امين الدين خان اميد ظاهر ڪئي ته وفاقي آئيني عدالت پاڪستان ۾ آئيني بالادستي جي مضبوط محافظ ثابت ٿيندي ۽ ايندڙ نسلن لاءِ عدل ۽ انصاف جي روشن علامت بڻجندي.

مزید خبریں