اسلام آباد – 21 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خيبرپختونخواهه ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل ڪاررواين ۾ ڀارتي پٺڀرائي ۾ سرگرم فتنه الخوارج جي 13 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي موثر انٽيليجنس بيسڊ ڪاررواين کي ساراهيو. صدر آصف علي زرداري چيو ته ڀارتي …
صدر پاران خيبرپختونخواهه ۾ فتنه الخوارج جي 13 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خيبرپختونخواهه ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل ڪاررواين ۾ ڀارتي پٺڀرائي ۾ سرگرم فتنه الخوارج جي 13 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي موثر انٽيليجنس بيسڊ ڪاررواين کي ساراهيو. صدر آصف علي زرداري چيو ته ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم خوارج جو مڪمل خاتمو رياستي رِٽ سان يقيني بڻايو پيو وڃي، ملڪ مان ٻاهرئين پٺڀرائي ۾ سرگرم دهشتگردن جو مڪمل خاتمو قومي اتفاق راءِ سان ڪيو پيو وڃي. صدر آصف علي زرداري سيڪيورٽي فورسز جي جوانن جي جرئت، پيشيواراڻي مهارت ۽ ثابت قدمي کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو.











