اسلام آباد – 21 نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار برسلز جي جاري دوري دوران نيٽو هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو ۽ نيٽو جي سيڪريٽري جنرل مارڪ روٽي سان ملاقات ڪئي. ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته نائب وزيراعظم ۽ نيٽو جي سيڪريٽري جنرل جي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ڌرين گڏيل دلچسپي جي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار برسلز جي جاري دوري دوران نيٽو هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو: پرڏيهي آفيس ترجمان

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار برسلز جي جاري دوري دوران نيٽو هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو ۽ نيٽو جي سيڪريٽري جنرل مارڪ روٽي سان ملاقات ڪئي. ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته نائب وزيراعظم ۽ نيٽو جي سيڪريٽري جنرل جي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ڌرين گڏيل دلچسپي جي معاملن بشمول امن ۽ سلامتي، دهشتگردي ۽ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار هنگري جي پرڏيهي وزير سان ٻطرفي ملاقات ڪئي جنهن کانپوءِ ٻنهي ملڪن هنگريڪم وظيفا پروگرام 2028 – 2026ع جي فريم ورڪ تحت تعاون بابت مفاهمت نامي جي تجديد تي صحيحون ڪيون. اهو پروگرام پاڪستاني شاگردن کي هنگري ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ 400 وظيفن جي آڇ ڪندو. هن چيو ته نائب وزيراعظم ۽ جو برسلز جو دورو پاڪستان ۽ يورپي يونين جي لاڳاپن ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي. ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان يورپي يونين سان هڪ جامع ۽ گڏيل فائديمند حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي.











