پاڪستان پاران اسرائيلي قابض فوج ۽ انتهاپسند آبادڪارن پاران فلسطينين خلاف انساني حقن جي مسلسل خلاف ورزين جي مذمت

اسلام آباد – 21 نومبر (اي پي پي) پاڪستان اسرائيلي قابض فوج ۽ انتهاپسند آبادڪارن پاران والاريل اولهندي ڪناري ۾ فلسطينين جي خلاف انساني حقن جي مسلسل خلاف ورزين جي شديد مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ مسجد اقصيٰ تي بار بار قبضو ڪرڻ ۽ نمازين جي خلاف اشتعال انگيزي شامل آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي پريس بريفنگ ۾ چيو ته اهڙي طرح جا قدم عالمي قانون ۽ …

اسلام آباد – 21 نومبر (اي پي پي) پاڪستان اسرائيلي قابض فوج ۽ انتهاپسند آبادڪارن پاران والاريل اولهندي ڪناري ۾ فلسطينين جي خلاف انساني حقن جي مسلسل خلاف ورزين جي شديد مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ مسجد اقصيٰ تي بار بار قبضو ڪرڻ ۽ نمازين جي خلاف اشتعال انگيزي شامل آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي پريس بريفنگ ۾ چيو ته اهڙي طرح جا قدم عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن جي واضح خلاف ورزي آهن. ترجمان ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مقدس جاين جي تقدس کي عالمي قانون ۽ تاريخي حيثيت موجب يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته پاڪستان عالمي برادري کان مقدس جاين جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ، آبادڪارن جي وڌيڪ تشدد ۽ دراندازين کي روڪڻ سميت گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن کي برقرار رکڻ جي لاءِ فوري ۽ موثر قدم کڻڻ جو مطالبو ڪري ٿو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اسان ٻه رياستي حل تي ٻڌل منصفاڻي، جامع ۽ پائيدار امن جي حمايت ۾ ان جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪريون ٿا جنهن جي نتيجي ۾ هڪ آزاد، خودمختيار، قابل عمل ۽ لڳولڳ فلسطين جي رياست قائم ڪئي وڃي جيڪا جون 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هجي ۽ جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي.

مزید خبریں