ڪراچي-21 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه چيو آهي تہ ملڪ ۾ تقريباً 2 ڪروڙ 26 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن جن مان 70 لک رڳو سنڌ ۾ آهن، پاڪستان ۾ آؤٽ آف اسڪول ٻارن جو انگ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي مجموعي آبادي کان وڌيڪ آهي انهيءَ صورتحال کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت ۽ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن اي ڊي ايل …
ملڪ ۾ تقريبن 2 ڪروڙ 26 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، جن مان 70 لک رڳو سنڌ ۾ آهن: مراد علي شاهه

مزید خبریں
ڪراچي-21 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه چيو آهي تہ ملڪ ۾ تقريباً 2 ڪروڙ 26 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن جن مان 70 لک رڳو سنڌ ۾ آهن، پاڪستان ۾ آؤٽ آف اسڪول ٻارن جو انگ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي مجموعي آبادي کان وڌيڪ آهي انهيءَ صورتحال کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت ۽ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن اي ڊي ايل پي جو فيز ٽو شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن ٽيڪنالاجي جي مدد سان محروم ۽ آؤٽ آف اسڪول ٻارن تائين معياري تعليم پهچائي سگهجي۔ اهڙو اظهار هن سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي تيز رفتاريءَ سان ڊجيٽل سکيا واري پروگرام اي ڊي ايل پي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پروگرام جو پائلٽ فيز ون جون 2023 ۾ سڄي دنيا کي سيکاريندڙ اداري ٽي ٽي ڊبليو ايف جي سهڪار سان شروع ڪيو ويو جنهن جي شاندار ڪارڪردگي سبب هاڻي ان کي وڌايو پيو وڃي۔ وڏي وزير ٻڌايو ته پاڪستان جي ڊي پي ۽ تعليم جي شرح جي لحاظ کان ڏکڻ ايشيا ۾ چوٿين نمبر تي آهي جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته تعليم ۾ جدت ۽ نون حلن جي سخت ضرورت آهي۔ اي ڊي ايل پي جنهن کي سنڌ حڪومت آگسٽ 2023 ۾ منظور ڪيو هڪ جديد پروگرام آهي جيڪو آؤٽ آف اسڪول ۽ ڏورانهن علائقن جي ٻارن لاءِ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي ذريعي تعليمي سهولتون فراهم ڪري ٿو۔ پروگرام جا ٻه ماڊل آهن: پھريون مائيڪرو اسڪولز آؤٽ آف اسڪول ٻارن لاءِ ٻيون ان-اسڪول ڊجيٽل ڪلاس رومز جيڪي اسڪول ۾ داخلا رکندڙ پر تعليمي طور ڪمزور ٻارن جي مدد ڪن ٿا. وڏي وزير خانگي ادارن ۽ فردن کي آڇ ڪئي ته ٽيچ دي ورلڊ جي اسڪول ۾ 100 ٻارن جي گنجائش آهي، جيڪو به ادارو يا فرد هڪ اسڪول اختيار ڪندو، حڪومت سندس نالي سان ٻيو اسڪول قائم ڪندي۔ پائلٽ فيز جي ڪاميابي 100 مائيڪرو اسڪول، 25 ڊجيٽل ڪلاس روم، هڪ آزاد اداري جي جائزي موجب پائلٽ فيز ۾ 100 مائيڪرو اسڪول ۽ 25 ان-اسڪول ڊجيٽل ڪلاس روم قائم ڪيا ويا جن ۾ 11 هزار کان وڌيڪ ٻارن جي داخلا ٿي آهي۔ مائيڪرو اسڪول هڪ ڪمري تي ٻڌل ڪميونٽي لرننگ سينٽرز آهن جتي روزاني چار شفٽون هلن ٿيون ۽ ٻار ٽيبلٽ تي ٻه ڪلاڪ جي ڊجيٽل لرننگ سيشن ۾ حصو وٺن ٿا۔ نو مهينا مڪمل ڪندڙ ٻارن ۾ بنيادي پڙهائي ۽ ڳڻپ ۾ نمايان بهتري ڏٺي وئي آهي جڏهن ته ڇوڪرين جي ڪارڪردگي ڇوڪرن کان بهتر رهي۔ والدين پڻ ٻارن جي تعليم ۾ وڌندڙ دلچسپي جي تصديق ڪئي آهي۔ معاشي مسئلن سبب حاضري جا ڪجهه چيلينج ضرور آهن پر پروگرام هر ٽماهي هدف مڪمل ڪيو آهي۔ ان-اسڪول ماڊل سيف جي فائونڊيشن اسسٽڊ اسڪولز ۾ ڪمزور ٻارن لاءِ اضافي ڊجيٽل تعليمي سهڪار فراهم ڪري ٿو۔ وزير تعليم سردار شاه چيو ته پائلٽ فيز ون جي ڪاميابي کانپوءِ سنڌ حڪومت فيز II جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن تحت ايندڙ ٻن مالي سالن ۾ 200 نوان مائيڪرو اسڪول قائم ڪيا ويندا۔ وڏي وزير اڄ 100 نون سينٽرز جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته وڌيڪ 100 سينٽرز 2026–27 ۾ کوليا ويندا۔ هن واڌ سان تقريباً 30 هزار آؤٽ آف اسڪول ٻارن تائين ڊجيٽل لرننگ پهچائي ويندي۔ مقصد اهو آهي ته هر ٻار، بنا ڪنهن علائقائي يا معاشي فرق جي، جديد تعليمي سهولتن تائين رسائي حاصل ڪري سگهي. ٽيچ دي ورلڊ فائونڊيشن جي باني ۽ سي اي او شفيق خان چيو اسان جو سڀ کان وڏو مسئلو آؤٽ آف اسڪول ٻارن جي وڏو تعداد آهي ۽ اسان جو مقصد ان مسئلي جو حل آهي، اسان جو گيم بيسڊ نصاب ۽ مائيڪرو اسڪول ماڊل گهٽ خرچ ۽ مختصر وقت ۾ قيام جي ڪري تمام اثرائتا ثابت ٿيا آهن. سنڌ حڪومت جي سهڪار سان 18 مهينن ۾ 125 ڊجيٽل اسڪول قائم ڪيا ويا آهن۔ آخر ۾ وڏي وزير ليپ ٽاپ تي بٽڻ دٻائي 100 نون اسڪولن جو افتتاح ڪيو۔تقريب ۾ وزير تعليم سيد سردار شاه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سيڪريٽري تعليم زاهد عباسي، ايم ڊي سيف گنهور لغاري، ٽيچ دي ورلڊ جو شفيق خان ۽ ارشد انيس، شهناز وزيرعلي، حاجي ناظم، اسٽيفن ليون، امام جهانگير، ڊاڪٽر ڪلب عباس، جاويد جبار، سلطانه صديقي، زبير ڇايا ۽ ٻيا معزز مهمان موجود هئا۔











