حيدرآباد ۾ وڏي پيماني تي حددخلين خلاف آپريشن جاري

حيدرآباد-21 نومبر (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ جي هدايت تي لاڳاپيل اسسٽنٽ ڪمشنرن، حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن ۽ ٽائون ميونسپل ڪميٽين جي نگراني ۾ وڏي پيماني تي اينٽي انڪروچمينٽ آپريش جاري آهي ۽  ڪيترن ئي علائقن ۾ مڪمل عملدرآمد ڪيو ويو آهي. آپريشن جو مقصد عوام جي گذرگاهن  جي بحالي، ٽريفڪ جي رواني ۾ بهتري آڻڻ ۽ ميونسپل قانون تي سختي سان عملدرآمد کي يقيني بنائڻ آهي. …

حيدرآباد-21 نومبر (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ جي هدايت تي لاڳاپيل اسسٽنٽ ڪمشنرن، حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن ۽ ٽائون ميونسپل ڪميٽين جي نگراني ۾ وڏي پيماني تي اينٽي انڪروچمينٽ آپريش جاري آهي ۽  ڪيترن ئي علائقن ۾ مڪمل عملدرآمد ڪيو ويو آهي. آپريشن جو مقصد عوام جي گذرگاهن  جي بحالي، ٽريفڪ جي رواني ۾ بهتري آڻڻ ۽ ميونسپل قانون تي سختي سان عملدرآمد کي يقيني بنائڻ آهي. اها ڪارروائي علي پليس ، لنڊن ٽائون ، نسيم نگر، حسين آباد ، واڌو واهه، نيرون ڪوٽ ، بينظير فلاءِ اوور  ۽ اسرا اسپتال  سميت ٻين مک علائقن ۾ ڪئي وئي. حددخلين خلاف ڪارروائي دوران اسٽالز، ڪيبنز، روڊ تي قائم پارڪنگ ، شورومز ، ريسٽورنٽس ۽ ٻين رڪاوٽن کي هٽايو ويو.اينٽي انڪروچمينٽ ٽيم شهرين ۽ دڪاندارن کي سخت وارننگ نوٽيس پڻ جاري ڪيا جڏهن ته ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن ، ٽريفڪ پوليس ۽ لاڳاپيل ادارن جي مشاورت سان وڌيڪ ڪارروائي ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته جيئن اڳتي اهڙي ڪنهن  به غير قانوني سرگرمي کي بروقت روڪي سگهجي.ڊپٽي ڪمشنر واضح ڪيو ته عوامي  جڳهن تي قبضو ڪنهن به صورت م برداشت نه ڪيو ويندو ۽ شهر ۾ حددخلين خلاف ڪارروائيون مستقبل ۾ پڻ جاري رهنديون.

مزید خبریں