يورپي يونين جي وفد گراسپ منصوبي جي اثرن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪراچي ۽ حيدرآباد جو دؤرو ڪيو

حيدرآباد-21 نومبر (اي پي پي) يورپي يونين جي وفد گراسپ منصوبي جي اثرن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪراچي ۽ حيدرآباد جو دورو ڪيو ۽ چئن ڪاروباري ادارن ۾ مختلف ٽيڪنالاجين وارين سهولتن جو افتتاح ڪيو. پاڪستان ۾ يورپي يونين جي آپريشن مئنيجر ڪرسچن بين هل جي اڳواڻيءَ ۾ وفد ڪراچي ۽ حيدرآباد جو دورو ڪيو. وفد پنھنجي دوري دوران ھڪ ڪروڙ کان ٻه ڪروڙ رويپن جي امداد حاصل ڪندڙ سعيد …

حيدرآباد-21 نومبر (اي پي پي) يورپي يونين جي وفد گراسپ منصوبي جي اثرن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪراچي ۽ حيدرآباد جو دورو ڪيو ۽ چئن ڪاروباري ادارن ۾ مختلف ٽيڪنالاجين وارين سهولتن جو افتتاح ڪيو. پاڪستان ۾ يورپي يونين جي آپريشن مئنيجر ڪرسچن بين هل جي اڳواڻيءَ ۾ وفد ڪراچي ۽ حيدرآباد جو دورو ڪيو. وفد پنھنجي دوري دوران ھڪ ڪروڙ کان ٻه ڪروڙ رويپن جي امداد حاصل ڪندڙ سعيد خان انٽرپرائزز، النور ڪولڊ اسٽوريج، بايو انرجي سوليوشنز جو معائنو ڪيو. وفد ميون ۽ ڀاڄين مان مختلف شيون تيار ڪرڻ، روانگي واپار وڌائڻ، روزگار جا موقعا پيدا ڪندڙ انھن ادارن ۾ چئن مختلف ٽيڪنالاجي سهولتن جو افتتاح پڻ ڪيو.  يورپي يونين جي وفد جي دوري جو مقصد اهو ڏسڻ هو ته يورپي يونين جي مدد ڪيئن ٻھراريءَ جي معيشت کي ھٿي وٺرائي رھي آھي، ويليو چين کي وڌائي رهي آهي، ۽ سنڌ ۾ پائيدار معاشي ترقي ۾ اڳڀرائي ڪري رهي آهي. انٽرنيشنل ٽريڊ سينٽر، پي پي اي ايف، ايف اي او، ۽ سافڪو جي نمائندن پاران ڪيل هن دوري ۾ عورتن جي اڳواڻي ۾ زرعي ڪاروبار ڪندڙن سان بحث مباحثا پڻ ڪيا ويا، اھو ڏسڻ لاءِ ته جيئن مارڪيٽ رابطن، ڪاروباري ترقي جي خدمتن، مالي مدد تائين رسائي ۽ صلاحيت جي تعمير وارن شعبن ۾ گراسپ جي ڪوششن جي نتيجن کي سمجهي سگهجي. ان موقعي تي، يورپي وفد گراسپ پروجيڪٽ مئنيجر مصطفيٰ راجپر ۽ سندس ٽيم جي ڪارڪردگيءَ جي تعريف ڪئي. ڪرسچن بين هل چيو ته منصوبي جا نتيجا انهن جي اميدن کان بهتر ثابت ٿيا آهن ۽ اهڙي ترقي يقيني طور تي معاشي بهتري آڻيندي.

مزید خبریں