وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني جي خواجه فريد اسپتال ملتان جي اڳوڻي ايم ايس ڊاڪٽر عقيل حسين لابر جي لاڏاڻي تي سندس گهرڀاتين سان تعزيت

ملتان – 21 نومبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ملڪ دل احمد لابر جي رهائشگاهه پهتو ۽ خواجه فريد اسپتال ملتان جي اڳوڻي ايم ايس ڊاڪٽر عقيل حسين لابر جي لاڏاڻي تي سندس گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وقتي صدر مرحوم جي ڀاءُ ۽ ملڪ دل احمد لابر جي فرزند ملڪ شڪيل حسين لابر سان ملاقات ڪئي ۽ ڊاڪٽر عقيل حسين لابر جي لاڏاڻي تي …

ملتان – 21 نومبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ملڪ دل احمد لابر جي رهائشگاهه پهتو ۽ خواجه فريد اسپتال ملتان جي اڳوڻي ايم ايس ڊاڪٽر عقيل حسين لابر جي لاڏاڻي تي سندس گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وقتي صدر مرحوم جي ڀاءُ ۽ ملڪ دل احمد لابر جي فرزند ملڪ شڪيل حسين لابر سان ملاقات ڪئي ۽ ڊاڪٽر عقيل حسين لابر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن مرحوم جي لاءِ مغفرت، درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر ۽ حوصلي جي دعا پڻ ڪئي. ان موقعي تي قومي اسيمبلي ميمبر سيد علي قاسم گيلاني، عزيز اڪبر بيگ، ملڪ نسيم لابر، اي ڊي خان بلوچ، ملڪ ناظم حسين لابر، ڪاظم حسين لابر، حاجي لياقت علي بوسن، نواب اصغر خان، شوڪت گوپانگ ۽ شهباز وينس پڻ موجود هُئا.

مزید خبریں