ڪراچي شهر جي بهتريءَ لاءِ 3 وڏا منصوبا تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهيا آهن، سيوريج نظام جي بهتريءَ لاءِ 630 ملين رپين جي لاڳت سان ڊبليو ايس ايس آءِ پي هيٺ اهم اڳڀرائي ٿي آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي-20 نومبر (اي پي پي) ڪراچيءَ جي ميئر بيرسٽر مرتضيٰ وھاب چيو آهي ته موجوده شهري انتظاميا پاڪستان پيپلز پارٽي جي منشور موجب شهر جي بهتري لاءِ ٽي وڏا منصوبا تيزي سان اڳتي وڌائي رهي آهي.ھن چيو تہ سيوريج نظام جي بهتري لاءِ 630 ملين رپين جي لاڳت سان ڪي ڊبليو ايس ايس آئي پي هيٺ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، جنهن تحت پروجيڪٽ ڊائريڪٽر عثمان معظم طرفان واٽر ڪارپوريشن کي …

ڪراچي-20 نومبر (اي پي پي) ڪراچيءَ جي ميئر بيرسٽر مرتضيٰ وھاب چيو آهي ته موجوده شهري انتظاميا پاڪستان پيپلز پارٽي جي منشور موجب شهر جي بهتري لاءِ ٽي وڏا منصوبا تيزي سان اڳتي وڌائي رهي آهي.ھن چيو تہ سيوريج نظام جي بهتري لاءِ 630 ملين رپين جي لاڳت سان ڪي ڊبليو ايس ايس آئي پي هيٺ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، جنهن تحت پروجيڪٽ ڊائريڪٽر عثمان معظم طرفان واٽر ڪارپوريشن کي 20 وڌيڪ سڪشن ۽ جيٽنگ گاڏيون مهيا ڪيون ويون آهن، جيڪي عام ٻولي ۾ "نيلين گاڏين” جي نالي سان سڃاتيون وڃن ٿيون ۽ برسات دوران لائينن جي صفائي ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. اڳ 122 اهڙيون گاڏيون ڪم ڪري رهيون هيون ۽ نيون گاڏيون شامل ٿيڻ بعد تعداد انھن جو 142 ٿي ويو آهي، جنهن سان صفائي جي صلاحيت ۾ نمايان بهتري ايندي ۽ شهري خدمتون وڌيڪ تيز ٿينديون. ميئر ڪراچي چيو تہ ڪي ڊبليو ايس ايس آئي پي جي سهڪار سان ڪارساز، سخي حسن ۽ سائٽ انڊسٽريل ايريا/هارون آباد تي جديد سروس سينٽر قائم ڪيا پيا وڃن، جن مان هارون آباد ڪسٽمر سينٽر مڪمل ٿي چڪو آهي. اهڙو اظهار هن ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جي مرڪزي آفيس ۾  ڪارپوريشن جي پهرين پوليس اسٽيشن، سڪشن مشينن جي فراھمي ۽ اليڪٽرڪ گاڏين لاءِ چارجنگ اسٽيشن جو باضابطا افتتاح ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو،ان موقعي تي ميئر ڪراچي چيو تہ شهر جي سيوريج ۽ پاڻي جي نظام کي بهتر بڻائڻ پهرين ترجيح آهي ۽ جديد مشينري جي فراھمي جا فائدا جلد شهرين تائين پهچندا. هن چيو تہ سڪشن ۽ جيٽنگ گاڏين جي تيز رسائي لاءِ شهر جي مختلف هنڌن تي نوان پارڪنگ زون قائم ڪيا پيا وڃن تہ جيئن گاڏيون ويجهي هنڌ کان سڌو ميدان ۾ وڃي سگهن. اڳ سڄو فليٽ صرف ڪارساز مان هلندو هو جنهن سبب ايندي ويندي وقت ۽ فيول جو خرچ وڌندو هو. هاڻي مختلف علائقن ۾ نوان يارڊ ٺاهي رهيا آهيون تہ جيئن مسئلو جتي بہ پيدا ٿئي اتي گاڏي فوري موڪلي سگهجي. ھن ٻڌايو تہ ضلع اولھ ۽ ڪِيماڙي جي وچ ۾ هارون آباد ۾ 25 سڪشن گاڏين لاءِ وڏو پارڪنگ زون ٺاهي رهيا آھيون جڏهن تہ ملير ۾ ڊپٽي ميئر سلمان مراد بہ ساڳي طرز تي نئون زون چونڊيو آهي. لياري ۽ ماڙي پور جي ڀرسان پڻ پارڪنگ زون قائم ڪيو پيو وڃي تہ جيئن اولڊ سٽي ايريا، ڪلفٽن ۽ ٻين علائقن تائين فوري رسائي ممڪن هجي. ميئر ڪراچي چيو تہ پاڻي جي چوري خلاف اثرائتي ڪارروائي نہ ٿيڻ جو وڏو سبب اهو هو تہ واٽر ڪارپوريشن وٽ پنهنجي ٽربيونل ۽ پوليس اسٽيشن موجود نہ هئي. هاڻي پنهنجي پوليس اسٽيشن قائم ڪئي پئي وڃي، جيڪو اداري جي تاريخ ۾ اهم سنگ ميل آهي. ھن چيو تہ نئين پوليس اسٽيشن ۾ ڪارپوريشن جي پنهنجي نفري مقرر هوندي ۽ اينٽي ٿِيفٽ سيل پاڻي جي چوري خلاف ڪارروائي لاءِ ڪنهن ٻاهرين ٿاڻي کان مدد وٺڻ جو محتاج نہ رهندو. پاڻي چوري خلاف بنا دير ۽ بنا خوف قدم کنيا ويندا ۽ واضح پيغام ڏنو ويندو تہ ڪنهن بہ قسم جي رعايت نہ ملندي. ميئر ڪراچي ٻڌايو تہ پاڻي چوري جا ڪيس  اُڪلائڻ لاءِ واٽر ڪارپوريشن پنهنجون ڪورٽس پڻ فعال ڪري رهي آهي. نئين قانون هيٺ هڪ مخصوص ٽربيونل قائم ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ جج ۽ ميمبرن جي مقرري پڻ ٿي چڪي آهي. ايندڙ ڪجھ هفتن ۾ اھا عدالت مڪمل طور تي ڪم شروع ڪري ڇڏيندي. ميئر ڪراچي چيو ته ماحولياتي بهتري ۽ ڪاربان مانڌاڻ گهٽائڻ لاءِ اليڪٽرڪ گاڏين جو استعمال وڌائڻ ضروري آهي. ڪي ايم سي ۾ رائيڊرن کي اليڪٽرڪ گاڏيون ڏنيون ويون ۽ هاڻي اهو ماڊل واٽر ڪارپوريشن ۾ لاڳو ڪيو پيو وڃي. واٽر ڪارپوريشن ۾ اليڪٽرڪ گاڏين لاءِ جديد چارجنگ اسٽيشن قائم ڪئي وئي آهي. حڪومت شهر ۾ سرڪاري سطح تي وڌيڪ چارجنگ اسٽيشنز ٺاهڻ تي ڪم ڪري رهي آهي. ميئر ڪراچي چيو تہ K-IV منصوبو شهر لاءِ انتهائي اهم آهي ۽ ان جو پهريون فيز تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي۔ سر سيد يونيورسٽي کان حسن اسڪوائر تائين 2.7 ڪلوميٽر نئين لائين وجهڻ جو ڪم فيز ون ۾ ڪيو پيو وڃي ۽ 96 انچ قطر جا نوان پائيپ وجهڻ جو عمل شروع ٿي چڪو آهي۔ هدف آهي تہ 31 ڊسمبر تائين هي ڪم مڪمل ٿي وڃي جنهن سان يونيورسٽي روڊ تي ليڪيج جا مسئلا مڪمل ختم ٿي ويندا. ايل ايس آر جا پراڻا پمپ تبديل ڪيا پيا وڃن، جنهن سان روزاني 40 کان 50 ملين گيلن اضافي پاڻي جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي، جنهن جو فائدو لياري، جمشيد روڊ، اولڊ سٽي، ڌورا جي، گلشن اقبال جي رهواسين کي ملندو. ميئر ڪراچي واضح ڪيو تہ ڪي ايم سي ڪنٽونمينٽ بورڊ جي ڪنهن به علائقي مان ٽيڪس وصول نٿي ڪري ۽ نہ ئي ڪي اليڪٽرڪ کي ان سلسلي ۾ ڪا هدايت جاري ڪئي وئي هئي. ھڪ ٽيڪنيڪي غلطي ضرور ٿي هئي جيڪا ھاڻي مڪمل طور درست ڪئي وئي آهي. ھن ٻڌايو تہ ڪي ايم سي جي حدن اندر ڪي اليڪٽرڪ جيڪو ٽيڪس گڏ ڪري رهي آهي جنھن مان رڳو آڪٽوبر ۾ 37 ڪروڙ 50 لک رپيا ڪي ايم سي جي اڪائونٽ ۾ جمع ٿيا، جن مان 9 ڪروڙ رپيا بجلي جي بلن جي ادائگي لاءِ استعمال ڪيا ويا، جنهن سان ادارتي مالي حالتون بهتر ٿيون آهن. ھن زور ڀريو تہ ڪراچي جي ماڻهن جو هر پيسو امانت آهي، ان ۾ خيانت ڪڏهن بہ نہ ٿيندي. ھن يقين ڏياريو تہ اھا رقم مڪمل ايمانداري ۽ شفافيت سان شهر جي گهٽين ۽ محلن جي بهتري تي خرچ ڪئي ويندي.تقريب ۾ ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبدالله مراد، سٽي ڪونسل پارلياماني ليڊر ڪرم الله وقاصي، ڊپٽي پارلياماني ليڊر دل محمد، سي اي او احمد علي صديقي، سي او او انجنيئر اسدالله خان ۽ ٻيا اعلي عملدار پڻ موجود هئا.

مزید خبریں