ڪراچي-19 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر ۽ صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي يومِ تاسيس جي موقعي تي پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن تحت 30 نومبر تي ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ شاندار عام جلسو منعقد ڪيو ويندو، جنهن ذريعي جمهوري عزم جو ورجاءُ ڪيو ويندو. اهڙو اظهار هن پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس جي …
پ پ پ جي يومِ تاسيس جي موقعي تي ڪراچي ڊويزن تحت 30 نومبر تي ڪورنگي ۾ شاندار عام جلسو منعقد ڪيو ويندو: سعيد غني

مزید خبریں
ڪراچي-19 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر ۽ صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي يومِ تاسيس جي موقعي تي پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن تحت 30 نومبر تي ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ شاندار عام جلسو منعقد ڪيو ويندو، جنهن ذريعي جمهوري عزم جو ورجاءُ ڪيو ويندو. اهڙو اظهار هن پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. اجلاس ۾ يومِ تاسيس جي تيارين کي حتمي شڪل ڏني وئي. اجلاس ۾ پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ ڪارڪنن جي عظيم قربانين کي ڀيٽا پيش ڪندي هن چيو ويو ته انهن قربانين ملڪ ۾ جمهوري حقن جي بحالي، آئيني حقن جي تحفظ ۽ عوام جي وقار کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان وٺي شهيد محترمه بينظير ڀٽو تائين، پيپلز پارٽي جي تاريخ ثابت قدمي، همٿ ۽ عوامي خدمت جي بي مثال جذبن سان ڀرپور آهي. اجلاس ۾ اهو عزم پڻ ڪيو ويو ته پاڪستان پيپلز پارٽي صرف هڪ سياسي جماعت ناهي، پر عوامي خدمت ۽ جمهوري جدوجهد جي هڪ تاريخي تحريڪ آهي، جيڪا انصاف، شموليت ۽ عوامي ڀلائي جي اصولن تي قائم آهي. اجلاس ۾ گڏيل فيصلي طور تي اهو طئي ڪيو ويو ته هلندڙ سال يومِ تاسيس کي شاندار ۽ جوش جذبي سان ملهايو ويندو ۽ ماضي جي شاندار جدوجهد کي خراجِ تحسين پيش ڪندي مستقبل لاءِ پارٽي جو عزم وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو. اجلاس ۾ گڏيل طور تي اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته ڪراچي ۾ هڪ شاندار عام جلسو منعقد ڪيو ويندو، جنهن ۾ عوام جي ڀرپور شموليت کي يقيني بڻايو ويندو ته جيئن پيپلز پارٽي جي نظريي، جدوجهد ۽ تاريخي ڪردار کي شاندار طريقي سان پيش ڪيو وڃي. جلسو 30 نومبر تي ڪورنگي ساڍي ٽي نمبر تي عيدگاهه گرائونڊ ۾ منعقد ٿيندو، جنهن ۾ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ويڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندو. ان موقعي تي فيصلو ڪيو ويو ته شهر ۾ يومِ تاسيس کي انتهائي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو، شهر جي مختلف هنڌن تي بينرز ۽ پينا فليڪس لڳايا ويندا، جڏهن ته ضلعي سطح تي سڀني ضلعن ۾ 29 نومبر تي ريليون پڻ ڪڍڻ جا انتظام ڪيا ويندا. اجلاس ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جو جنرل سيڪريٽري ۽ سينيٽر سيد وقار مهدي، جنرل سيڪريٽري ڪراچي ڊويزن رئوف ناگوري، انفارميشن سيڪريٽري ڪراچي شرميلا فاروقي، صدر ليڊيز ونگ ڪراچي ڊويزن شاهده رحماني سميت ضلعن جا صدر، جنرل سيڪريٽريز ۽ ذيلي تنظيمن جا عهديدار پڻ موجود هئا.











