صوبائي محتسب سنڌ ۽ هينڊز ويلفيئر فائونڊيشن وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحُون

ڪراچي-19 نومبر (اي پي پي) صوبائي محتسب سنڌ ۽ هينڊز ويلفيئر فائونڊيشن جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن جي تقريب صوبائي محتسب سنڌ هيڊ ڪوارٽر ۾ منعقد ڪئي وئي. اطلاعات کاتي پاران جاري ڪيل خبر موجب چيئرمين هينڊز شيخ تنوير احمد، سي اي او مقبول احمد ۽ چيف ايگزيڪيوٽو سروسز محمد انيس سان گڏ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ڊائريڪٽر جنرل صوبائي محتسب سنڌ نسيم الدين ميراڻي ۽ سي …

ڪراچي-19 نومبر (اي پي پي) صوبائي محتسب سنڌ ۽ هينڊز ويلفيئر فائونڊيشن جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن جي تقريب صوبائي محتسب سنڌ هيڊ ڪوارٽر ۾ منعقد ڪئي وئي. اطلاعات کاتي پاران جاري ڪيل خبر موجب چيئرمين هينڊز شيخ تنوير احمد، سي اي او مقبول احمد ۽ چيف ايگزيڪيوٽو سروسز محمد انيس سان گڏ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ڊائريڪٽر جنرل صوبائي محتسب سنڌ نسيم الدين ميراڻي ۽ سي اي او هينڊز مقبول احمد تقريب ۾ معاهدي تي صحيحون ڪيون. معاهدي تحت، عوام کي بهتر ۽ آزاد انصاف جي فراهمي لاءِ هڪ گڏيل ايڪشن پلان تيار ڪيو ويندو. ان کان اڳ، حمد سهيل راجپوت هينڊز ويلفيئر فائونڊيشن جي وفد کي صوبائي محتسب سنڌ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ چيو ته صوبائي محتسب سنڌ جي بنيادي ذميواري سرڪاري کاتن سان لاڳاپيل عوامي شڪايتن کي حل ڪرڻ آهي، جنهن لاءِ اهي ايندڙ مهيني ان جي اثرائتي حل لاءِ شڪايت مئنيجمينٽ سسٽم شروع ڪري رهيا آهن. هن چيو ته جديد شڪايت سسٽم مددگار ۽ عوامي شڪايتن جي فوري حل ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندو. ان موقعي تي شيخ تنوير احمد هينڊز ويلفيئر فائونڊيشن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. هن چيو ته صوبائي محتسب سنڌ محمد سهيل راجپوت جي اڳواڻي ۾ عوامي شڪايتن جي ازالي ۾ قابل قدر خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي ۽ ٻئي ادارا سنڌ ۾ گڊ گورننس کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل قدم کڻندا. تقريب ۾ سيڪريٽري منصور عباس رضوي، رجسٽرار مسعود عشرت، صلاحڪار ريحانه جي علي ميمڻ، ڊائريڪٽر ڪوآرڊينيشن امداد حسين صديقي، ڪنسلٽنٽ آئي ٽي اڪمل نسيم ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

مزید خبریں