لاڙڪاڻو-19 نومبر (اي پي پي) خيرپور ناٿن شاھ ۾ ڄاڃين جي بس سان حادثو 2 ڄڻا فوت 25 کان وڌيڪ عورتون، ٻار ۽ مرد زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي. تفصيل مطابق ڪي اين شاهه جي لڌاڻو بس اسٽاپ وٽ ڄاڃين جي بس جو روڊ تي بيٺل ڊمپر سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 30 سالن جو برڪت علي مڱڻهار سندس 40 سالن جو …
خيرپور ناٿن شاهه ۾ ڄاڃين جي بس سان حادثو، 2 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-19 نومبر (اي پي پي) خيرپور ناٿن شاھ ۾ ڄاڃين جي بس سان حادثو 2 ڄڻا فوت 25 کان وڌيڪ عورتون، ٻار ۽ مرد زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي. تفصيل مطابق ڪي اين شاهه جي لڌاڻو بس اسٽاپ وٽ ڄاڃين جي بس جو روڊ تي بيٺل ڊمپر سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 30 سالن جو برڪت علي مڱڻهار سندس 40 سالن جو ڀاءُ من مڱڻهار موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 22 سالن جو امانت علي مـڱڻهار، شير دل کوسو، نظير کوسو، منظور کوسو، مومل خاتون، امام زادي کوسو، سارا، سڪينه کوسو سميت 25 کان وڌيڪ عورتون، ٻار ۽ مرد سخت زخمي ٿي پيا، جن کي پوليس ۽ علائقي واسين کڻائي لاڙڪاڻي جي ٽراما سينٽر آندو، جتي ڊاڪٽرن طرفان زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. ان موقعي تي حادثي ۾ زخمي ٿيلن جي وارثن نور الدين کوسو، امير علي کوسو ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته اسين خيرپور ناٿن شاهه جي ڳوٺ رئيس فتح علي کوسو جا رهواسي آهيون، اسان جي نوجوان پپن کوسي جي دادو شهر ۾ شادي تقريب رٿيل هئي، جتان ٿي واپس اسان پنهنجي ڳوٺ طرف اچي رهيا هئاسين ته رستي ۾ ڪوهيڙي سبب لڌاڻو بس اسٽاپ وٽ اسان جي بس جو روڊ تي بيٺل ڊمپر سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ شادي تقريب ۾ دهل وڄائيندڙ ٻه مڱڻهار موقعي تي فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته 25 کان وڌيڪ عورتون، معصوم ٻار ۽ مرد زخمي ٿي پيا آهن، جن کي ڪي اين شاهه جي پوليس ۽ علائقي واسين کڻائي اسپتال آندو آهي.











