اسلام آباد-10 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي قومي شهيد قرار ڏيڻ جي قرارداد جي منظوري ڏئي ڇڏي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ ڄام عبدالڪريم بجار ان حوالي سان قرارداد ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت گُهري. اجازت ملڻ تي هن قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي، جنهن جي ايوان منظوري ڏئي ڇڏي. قرارداد جي متن ۾ چيو ويو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پ …
قومي اسيمبلي پاران ذوالفقار علي ڀٽو کي قومي شهيد قرار ڏيڻ جي قرارداد منظور

مزید خبریں
اسلام آباد-10 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي قومي شهيد قرار ڏيڻ جي قرارداد جي منظوري ڏئي ڇڏي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ ڄام عبدالڪريم بجار ان حوالي سان قرارداد ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت گُهري. اجازت ملڻ تي هن قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي، جنهن جي ايوان منظوري ڏئي ڇڏي. قرارداد جي متن ۾ چيو ويو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پ پ جو باني ۽ اڳوڻو وزيراعظم اسلامي جمهوريه پاڪستان ملڪ جي سياسي، جمهوري، سماجي ۽ ايٽمي پاليسين ۾ غير معمولي خدمتون انجام ڏنيون. سندس قومي اتحاد، عوام جي فلاح بهبود، جمهوري ادارن جي استحڪام ۽ پاڪستان جي آزاد پرڏيهي پاليسي جي قيام لاءِ وڏي پيماني تي ڪوششن کي تسليم ڪيو ويو. 4 اپريل 1979ع تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي ڏني وئي. متن موجب ڪروڙين پاڪستاني شهري کيس هڪ اهڙي قومي اڳواڻ طور ياد ڪن ٿا جنهن جمهوريت ۽ عوامي حقن لاءِ پنهنجي جان قربان ڪئي. ايوان قرار ڏئي ٿو ۽ سفارش ڪري ٿو ته وفاقي حڪومت شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي سرڪاري طور تي قومي شهيد قرار ڏئي ۽ هڪ سرڪاري نوٽيفڪيشن ذريعي سندس شهادت کي قومي تاريخ ۽ جمهوري رڪارڊ ۾ تسليم ڪري. وڌيڪ اهو ته لاڳاپيل وفاقي ادارا، نصاب ۽ قومي آرڪائيوز ۾ سندس خدمتن ۽ قومي ڪردار کي مناسب طور تي شامل ڪيو وڃي.










