راولپنڊي-10 نومبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز خيبرپختونخواهه ۾ ٻن ڌار ڌار ڪارروائين ۾ ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 20 خوارجين کي ماري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان مطابق سيڪيورٽي فورسز جي 8 ۽ 9 نومبر تي خيبرپختونخواهه صوبي ۾ ٻن ڌار ڌار ڪارروائين ۾ ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 20 خوارجي مارجي ويا. خوارج جي موجودگي جي اطلاع تي سڪيورٽي فورسز طرفان …
سيڪيورٽي فورسز جون خيبرپختونخواهه ۾ 2 ڌار ڌار ڪارروائيون، ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 20 خوارجي مارجي ويا

مزید خبریں
راولپنڊي-10 نومبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز خيبرپختونخواهه ۾ ٻن ڌار ڌار ڪارروائين ۾ ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 20 خوارجين کي ماري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان مطابق سيڪيورٽي فورسز جي 8 ۽ 9 نومبر تي خيبرپختونخواهه صوبي ۾ ٻن ڌار ڌار ڪارروائين ۾ ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 20 خوارجي مارجي ويا. خوارج جي موجودگي جي اطلاع تي سڪيورٽي فورسز طرفان اتر وزيرستان ضلعي جي علائقي شوال ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ڪيو ويو. آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز خوارج جي ٺڪاڻي جو اثرائتي طريقي سان گهيراءُ ڪيو ۽ 8 ڀارتي حمايت يافته خوارجين کي ماري ڇڏيو. انٽيليجنس تي ٻڌل هڪ ٻيو آپريشن دره آدم خيل ضلعي ۾ ڪيو ويو ۽ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ وڌيڪ 12 خوارجين کي ماريو ويو. آءِ ايس پي آر چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان عزم ۽ استحڪام جي ويزن تحت دهشتگردي جي روڪٿام واري مهم طور علائقي ۾ ڪنهن به ڀارتي حمايت يافته خوارجي کي ختم ڪرڻ لاءِ سينيٽيشن جون ڪارروائيون جاري آهن، جيڪي دهشتگردي جي ملڪي ۽ غير ملڪي حامين کي ختم ڪرڻ لاءِ پوري رفتار سان جاري رهنديون.










