علامه اقبال جو فلسفو خودي عزت نفس، مقصد ۽ تبديليءَ جو هڪ لازوال پيغام آهي: احسن اقبال

ڪيمبرج-10 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته علامه اقبال جو فلسفو خودي عزت نفس، مقصد ۽ تبديليءَ جو هڪ لازوال پيغام آهي. ٽرينيٽي ڪاليج، يونيورسٽي آف ڪيمبرج ۾ اقبال ڊي جي تقريب کي خطاب ڪيو. جتي پاڪستان جي قومي شاعر ۽ فلسفي علامه اقبال فلسفي جي تعليم حاصل ڪئي هئي، هي تقريب 9 نومبر تي علامه اقبال …

ڪيمبرج-10 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته علامه اقبال جو فلسفو خودي عزت نفس، مقصد ۽ تبديليءَ جو هڪ لازوال پيغام آهي. ٽرينيٽي ڪاليج، يونيورسٽي آف ڪيمبرج ۾ اقبال ڊي جي تقريب کي خطاب ڪيو. جتي پاڪستان جي قومي شاعر ۽ فلسفي علامه اقبال فلسفي جي تعليم حاصل ڪئي هئي، هي تقريب 9 نومبر تي علامه اقبال جي سالگره جي موقعي تي منعقد ڪئي وئي. تقريب جو بندوبست ڪيمبرج يونيورسٽي پاڪستان سوسائٽي رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وزارت جي ڀائيواريءَ سان ڪئي. پنهنجي خطاب ۾ پروفيسر احسن اقبال چيو ته اقبال کي اسان کي سيکاريو ته قومون غربت سان نه خودي جي زوال سان مٽجنديون آهن. رٿابندي واري وزير چيو ته خودي تڪبر ناهي پر هڪ بيدار بااخلاق ۽ مقصدي ذات جو نالو آهي، اهڙي ذات جيڪا پنهنجي خالق پنهنجي صلاحيت ۽ پنهنجي ذميداريءَ کي سُڃاڻي ٿي. هن چيو ته اقبال جو فلسفو اخلاقي بلندي ۽ فڪري خودمختياري جي دعوت آهي. احسن اقبال چيو ته ڪيمبرج ۾ اقبال جو قيام ان جي فڪري تربيت لاءِ فيصلائتو ثابت ٿيو جتي هن اولهه جي فڪر جو تنقيدي مطالعو ڪيو پر پنهنجي سُڃاڻپ برقرار رکي. هن چيو ته اهوئي اهو اعتماد ۽ فڪري توازن آهي جنهن جي اڄ مسلم دنيا کي ضرورت آهي، جديد ترقيءَ سان سکڻ جي صلاحيت پر پنهنجي تهذيبي ۽ روحاني بنيادن تي ثابت قدمي سان آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان کي درپيش معاشي دٻاءُ حڪمراني جي طريقيڪار جي چئلينجز ۽ معاشرتي ورهاست جهڙن مسئلن جو حل خوديءَ ۾ سمايل آهي يعني پنهنجي تخليقي ۽ اخلاقي قوت تي اعتماد بحال ڪرڻ ۾ آهي. هن چيو ته پاڪستان بي پناهه صلاحيتن وارو ملڪ آهي دنيا جي سڀ کان وڏي نوجوان آبادين مان هڪ آهي، غير معمولي تخليقي قوت اهم جاگرافيائي بيهڪ ثقافتي استقامت ۽ هر بحران کانپوءِ وڌيڪ مضبوط ٿي اُڀرڻ جي صلاحيت تي ٻَڌل آهي. پروفيسر احسن اقبال ٻُڌايو ته پاڪستان جو قومي ترقياتي فريم ورڪ اُڏام پاڪستان اقبال جي ان تصور خوديءَ مان متاثر آهي جيڪو اخلاقي ۽ معاشي خودمختياريءَ تي ٻَڌل آهي. هن چيو ته اُڏام پاڪستان نوجوانن جي مهارت ڊجيٽل جدت اداره جاتي سڌارن شموليت نجي ۽ سرڪاري حصيداري ۽ عوام تي ٻَڌل ترقي جي ويزن تي رکيل آهي. هي اقبال جي فلسفي خوديءَ جو عملي اظهار آهي. وفاقي وزير چيو ته اقبال جو شاهين صرف شهري حوالو ناهي پر اخلاقي ڪردار جو نمونو آهي. آزاد فڪر، حوصلي، مقصدي جدوجهد ۽ بلند نگاهي جي علامت آهي. هن چيو ته پاڪستان جي نوجوانن کي پاڻ کي حالتن جو شڪار ٿيڻ بدران تقدير جي معمار طور ڏسڻ گهرجي. پروفيسر احسن اقبال تجويز ڏني ته ٽرينيٽي ڪاليج، ڪيمبرج ۾ عالمي اقبال ڪانفرنس 2027ع ۾ منعقد ڪئي وڃي ته جيئن علامه اقبال جي 150هين سالگره کي عالمي سطح تي ملهائي سگهجي. هن چيو ته ان ڪانفرنس ۾ سڄي دنيا مان فلسفي مؤرخ معيشت جا ماهر سائنسدان فنڪار ۽ نوجوان محقق شريڪ ٿيندا ته جيئن اقبال جي فڪر فلسفي ۽ ترقياتي نظرين تي عالمي مڪالمو ڪري سگهجي. هن چيو ته پاڪستان جي لاءِ اها اعزاز جي ڳالهه هوندي ته هو ڪيمبرج سان گڏجي ان عالمي تقريب جي بندوبست ۾ تعاون ڪري. پروفيسر احسن اقبال چيو ته اقبال کي خراجِ عقيدت پيش ڪرڻ جو اصل طريقو کيس صرف ياد ڪرڻ ناهي پر ان جي پيغام تي عمل به ڪرڻ آهي. هڪ اهڙي قوم جي تعمير جيڪو انصاف علم تخليق ۽ همدرديءَ جي بنياد تي بيٺل هجي. هن چيو ته اچو اقبال کي اهڙي طرح خراجِ عقيدت پيش ڪريون ٿا ته اسان اها قوم بڻجون جنهن جو خواب اقبال ڏٺو هو. خوديءَ کان ڀرپور جرئت ۽ همدردي سان سرشار. پروفيسر احسن اقبال ٽرينيٽي ڪاليج جي ماسٽر پروفيسر ڊيم سيلي ڊيويس، پرووائيس چانسلر پروفيسر ڪمال منير ۽ وڏي انگ ۾ شاگردن ۽ استادن سان ملاقات ڪئي.