محسن نقوي پاران ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن خلاف ڪاميابي آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش

اسلام آباد-10 نومبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ڪي پي ڪي ۾ ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. گهرو وزارت مان جاري بيان موجب هن پنهنجي بيان ۾ 20 خوارجين کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻين صلاحيتن کي ساراهيو. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز وقت سر ڪارروايون ڪري ڪي پي ڪي ۾ خوارجين جي …

اسلام آباد-10 نومبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ڪي پي ڪي ۾ ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. گهرو وزارت مان جاري بيان موجب هن پنهنجي بيان ۾ 20 خوارجين کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻين صلاحيتن کي ساراهيو. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز وقت سر ڪارروايون ڪري ڪي پي ڪي ۾ خوارجين جي ناپاڪ عزمن کي مٽيءَ ۾ ملايو آهي. 20 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي سلام پيش ڪريان ٿو. محسن نقوي چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن جي بهادري ۽ پروفيشنل عزم تي فخر آهي. دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ امن لاءِ سيڪيورٽي فورسز پُرعزم آهي.