اسلام آباد-10 نومبر (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي ناليواري تعليمي ماهر، دانشور ۽ اديب ڊاڪٽر عارفه سيده زهرا جي وفات تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته ڊاڪٽر عارفه جي وفات پاڪستان جي علمي، ادبي ۽ فڪري ويهڪن لاءِ هڪ نه ناقابل تلافي نقصان آهي. هن چيو ته مرحومه پنهنجي زندگي علم، تحقيق ۽ …
وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي جو ڊاڪٽر عارفه سيده زهره جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد-10 نومبر (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي ناليواري تعليمي ماهر، دانشور ۽ اديب ڊاڪٽر عارفه سيده زهرا جي وفات تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته ڊاڪٽر عارفه جي وفات پاڪستان جي علمي، ادبي ۽ فڪري ويهڪن لاءِ هڪ نه ناقابل تلافي نقصان آهي. هن چيو ته مرحومه پنهنجي زندگي علم، تحقيق ۽ انسانيت جي خدمت لاءِ وقف ڪري هڪ لازوال مثال قائم ڪيو. هن چيو ته ڊاڪٽر عارفه سيده زهرا قومي ٻولي کي هٿي وٺرائڻ ۽ عورتن جي تعليم جي ميدان ۾ نمايان خدمتون انجام ڏنيون جيڪي هميشه ياد رکيون وينديون. هن چيو ته سندس علمي ۽ فڪري ميراث نئين نسل لاءِ مشعل راهه آهي. وفاقي وزير، مرحومه جي پونئيرن، شاگردن ۽ علمي برادري سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جوار رحمت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر عطا فرمائي.










