ٻوڏ سبب مختلف فصلن جو نقصان ٿيو آهي: راڻا تنوير حسين

اسلام آباد-10 نومبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته ٻوڏ سبب مختلف فصلن جو نقصان ٿيو آهي، چانور 12 سيڪڙو، ڪمند 3 سيڪڙو گهٽ ٿيو آهي، جڏهن ته باقي جيڪي جنسون حاصل ٿيون آهن اهي مڪمل طور تي استعمال جوڳيون آهن، ڪي پي ڪي صوبي کي ڪڻڪ جي جيتري ضرورت آهي فوري فراهم ڪنداسين. هن قومي اسيمبلي ۾ خطاب دوران …

اسلام آباد-10 نومبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته ٻوڏ سبب مختلف فصلن جو نقصان ٿيو آهي، چانور 12 سيڪڙو، ڪمند 3 سيڪڙو گهٽ ٿيو آهي، جڏهن ته باقي جيڪي جنسون حاصل ٿيون آهن اهي مڪمل طور تي استعمال جوڳيون آهن، ڪي پي ڪي صوبي کي ڪڻڪ جي جيتري ضرورت آهي فوري فراهم ڪنداسين. هن قومي اسيمبلي ۾ خطاب دوران هما اختر چغتائي جي سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته جنسن جي کوٽ جي حوالي سان سروي ڪرايو آهي. چانور جي فصل ۾ 11 سيڪڙو تائين گهٽتائي ٿي آهي. ربيع ۾ هارين جو نقصان پورو ڪرڻ لاءِ انهن کي ٻج، ڀاڻ مفت ڏئي رهيا آهيون ۽ 100 ارب روپيا بنا وياج جي قرض به آبادگارن کي ڏنو پيو وڃي. هن ٻڌايو ته ٻوڏ سبب غذائي جنسن جي پيداوار ۾ گهٽتائي ٿي آهي. هن ٻڌايو ته صوبن وٽ پنهنجي ضرورت جي ڪڻڪ موجود آهي، وفاق وٽ اسٽوريج ان ڪري هوندي آهي ته جنهن صوبي وٽ کوٽ هجي ان کي ڏيون. ڪي پي ڪي 8 لک ٽن ڪڻڪ جي کوٽ جي ڳالهه ڪئي آهي جنهن تي اسان انهن کي آڇ ڪئي ته هو پنهنجي گهُرج ٻڌائين ۽ ڪڻڪ وٺي وڃن جنهن تي هنن پهريان هڪ لک ٽن جي ڳالهه ڪئي، جڏهن ته اڃان تائين صوبي طرفان ڪا به ڊمانڊ ناهي ملي. وفاق صوبي کي جيتري ڪڻڪ گهرجي ڏيڻ لاءِ تيار آهي.