ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ، مٿانهن علائقين ۾ ٿڌي رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو

اسلام آباد-10 نومبر (اي پي پي) ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ جڏهن ته مٿانهن علائقن ۾ ٿڌي رهڻ جو امڪان آهي، پنجاب جي ميداني علائقن ۾ سموگ جڏهن ته صبح ۽ رات جي وقت ۾ ڪجهه جاين تي هلڪو ڪوهيڙو ڇانيل رهندو. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ جابلو علائقن ۾ ٿڌي رهي جڏهن ته …

اسلام آباد-10 نومبر (اي پي پي) ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ جڏهن ته مٿانهن علائقن ۾ ٿڌي رهڻ جو امڪان آهي، پنجاب جي ميداني علائقن ۾ سموگ جڏهن ته صبح ۽ رات جي وقت ۾ ڪجهه جاين تي هلڪو ڪوهيڙو ڇانيل رهندو. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ جابلو علائقن ۾ ٿڌي رهي جڏهن ته پنجاب جي ڪجهه ميداني ضلعن ۾ هلڪو ڪوهيڙو ڇانيل رهيو. سومر ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد اسڪردو ڪاٽو 06، ليه ڪاٽو 05، بابوسر ڪاٽو 04، زيارت ڪاٽو 03، گلگت، استور ۽ گوپس ۾ ڪاٽو 01 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.