وفاقي وزير احسن اقبال پاران عارفه سيده زهره جي لاڏاڻي تي ڏُک جو اظهار

 اسلام آباد-10 نومبر (اي پي پي)رٿابندي، ترقي، سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال ناليواري تعليمي ماهر، محقق ۽ دانشور عارفه سيده زهره جي لاڏاڻي تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ احسن اقبال چيو ته عارفه سيده زهره هڪ باوقار پاڪستاني دانشور، تعليمي ماهر، انساني حقن جي علمبردار ۽ جرئتمنداڻو آواز هئي، جنهن علم، دانش، تحقيق ۽ سماجي انصاف کي هٿي وٺرائڻ ۾ شاندار …

 اسلام آباد-10 نومبر (اي پي پي)رٿابندي، ترقي، سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال ناليواري تعليمي ماهر، محقق ۽ دانشور عارفه سيده زهره جي لاڏاڻي تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ احسن اقبال چيو ته عارفه سيده زهره هڪ باوقار پاڪستاني دانشور، تعليمي ماهر، انساني حقن جي علمبردار ۽ جرئتمنداڻو آواز هئي، جنهن علم، دانش، تحقيق ۽ سماجي انصاف کي هٿي وٺرائڻ ۾ شاندار خدمتون سرانجام ڏنيون. وفاقي وزير چيو ته مرحومه پنهنجي ڪمزور صحت باوجود سندس دعوت تي ڪراچيءَ ۾ رٿيل اُڏام پاڪستان ڪريئٽو اڪانومي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري علم ۽ فن سان پنهنجي وابستگيءَ جو عملي ثبوت ڏنو. هن کي هلندڙ سال تمغه امتياز به  نوازيو ويو جيڪو سندس تعليمي خدمتن، اخلاقي قيادت ۽ سماجي انصاف کي هٿي وٺرائڻ جو اعتراف آهي. احسن اقبال چيو ته عارفه سيده زهره جي وفات سان پاڪستان هڪ وڏي علمي ۽ ادبي شخصيت کان محروم ٿي ويو آهي. الله تعاليٰ مرحومه کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ سندس ڪٽنب کي صبر عطا ڪري.