قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر پاران علي گوهر خان مهر جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

اسلام آباد-10 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق قومي اسيمبليءَ جي ميمبر علي گوهر خان مهر جي والده جي لاڏاڻي تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب اسپيڪر علي گوهر مهر جي گهوٽڪي جي رهائشگاهه تي پهچي ساڻس والده جي وفات تي تعزيت جو اظهار ڪيو. قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر مرحومه جي روح کي ثواب پهچائڻ …

اسلام آباد-10 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق قومي اسيمبليءَ جي ميمبر علي گوهر خان مهر جي والده جي لاڏاڻي تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب اسپيڪر علي گوهر مهر جي گهوٽڪي جي رهائشگاهه تي پهچي ساڻس والده جي وفات تي تعزيت جو اظهار ڪيو. قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر مرحومه جي روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ ڏکويل ڪٽنب سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو.