يورپي يونين جي ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين طرفان ملڪ موڪليل ناڻي ۾ ساليانو بنيادن تي 20 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي: اسٽيٽ بئنڪ

اسلام آباد-10 نومبر(اي پي پي) يورپي يونين جي ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين جي ڏيهه موڪليل ناڻي ۾ جاري مالي سال جي شروعاتي چئن مهينن دوران ساليانو بنيادن تي 20 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ مطابق جولاءِ کان آڪٽوبر تائين يورپي يونين جي ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين 1.737 ارب ڊالرن جو مٽا سٽا وارو ناڻو ملڪ موڪليو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳي مدي جي ڀيٽ …

اسلام آباد-10 نومبر(اي پي پي) يورپي يونين جي ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين جي ڏيهه موڪليل ناڻي ۾ جاري مالي سال جي شروعاتي چئن مهينن دوران ساليانو بنيادن تي 20 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ مطابق جولاءِ کان آڪٽوبر تائين يورپي يونين جي ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين 1.737 ارب ڊالرن جو مٽا سٽا وارو ناڻو ملڪ موڪليو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳي مدي جي ڀيٽ ۾ 20 سيڪڙو وڌيڪ آهي، گذريل مالي سال جي ساڳي مدي ۾ يورپي يونين جي ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين 1.451 ارب ڊالرن جو مٽا سٽا وارو ناڻو ملڪ موڪليو هو.