اسلام آباد-10 نومبر(اي پي پي) ملڪ ۾ سيمينٽ جي ريٽيل قيمتن ۾ گذريل هفتي دوران استحڪام رهيو. وفاقي شماريات واري اداري(پي بي ايس) مطابق 6 نومبر تي ختم ٿيل هفتي ۾ ملڪ جي اترئين شهرن ۾ سيمينٽ جي في ٻوري سراسري ريٽيل قيمت 1361 روپيا رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا ان کان گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ 0.20 سيڪڙو گهٽ آهي، ان کان اڳ واري گذريل هفتي دوران اترئين شهرن ۾ …
ملڪ ۾ سيمينٽ جي ريٽيل قيمتن ۾ هفتي دوران استحڪام رهيو: وفاقي شماريات وارو ادارو

مزید خبریں
اسلام آباد-10 نومبر(اي پي پي) ملڪ ۾ سيمينٽ جي ريٽيل قيمتن ۾ گذريل هفتي دوران استحڪام رهيو. وفاقي شماريات واري اداري(پي بي ايس) مطابق 6 نومبر تي ختم ٿيل هفتي ۾ ملڪ جي اترئين شهرن ۾ سيمينٽ جي في ٻوري سراسري ريٽيل قيمت 1361 روپيا رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا ان کان گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ 0.20 سيڪڙو گهٽ آهي، ان کان اڳ واري گذريل هفتي دوران اترئين شهرن ۾ سيمينٽ جي في ٻوري ريٽيل قيمت 1364 روپيا رڪارڊ ڪئي وئي هئي. اهڙي طرح 6 نومبر تي ختم ٿيل هفتي ۾ ملڪ جي ڏاکڻن شهرن ۾ سيمينٽ جي في ٻوري جي سراسري ريٽيل قيمت 1441 روپيا رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا ان کان گذريل هفتي ۾ به 1441روپيا هئي. انگن اکرن مطابق 6 نومبر تي ختم ٿيل هفتي ۾ اسلام آباد ۾ سيمينٽ جي في ٻوري جي سراسري ريٽيل قيمت 1345، راولپنڊي 1346، لاهور 1410 روپيا رڪارڊ ڪئي وئي. اهڙي طرح ڪراچي ۾ گذريل هفتي دوران سيمينٽ جي في ٻوري جي سراسري ريٽيل قيمت 1369، حيدرآباد 1427، سکر 1500، لاڙڪاڻو ۾ 1407 روپيا رڪارڊ ڪئي وئي.










