اسلام آباد-10 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري مشهور تعليمدان، دانشور ۽ ليکڪه ڊاڪٽر عارفه سيده زهره جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته قومي ٻولي جي واڌاري لاءِ مرحومه جي علمي خدمتن ۽قومي زبان جي فروغ لاءِ ڪوششون سدائين ياد رکيون وينديون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران سومر تي جاري ڪيل بيان موجب صدر آصف علي زرداري چيو ته …
صدر پاران مشهور تعليمدان، دانشور ۽ ليکڪه ڊاڪٽر عارفه سيده زهره جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد-10 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري مشهور تعليمدان، دانشور ۽ ليکڪه ڊاڪٽر عارفه سيده زهره جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته قومي ٻولي جي واڌاري لاءِ مرحومه جي علمي خدمتن ۽قومي زبان جي فروغ لاءِ ڪوششون سدائين ياد رکيون وينديون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران سومر تي جاري ڪيل بيان موجب صدر آصف علي زرداري چيو ته ڊاڪٽر عارفه سيده زهره جو لاڏاڻو پاڪستان جي علمي ۽ ادبي ڌُرين لاءِ هڪ ناقابل تلافي نقصان آهي. ڊاڪٽر عارفه سيده زهره پنهنجي زندگي علم، تحقيق ۽ انسانيت جي خدمت لاءِ وقف ڪري هڪ روشن مثال قائم ڪيو. صدر چيو ته مرحومه جُون علمي خدمتوُن ۽ قومي ٻولي جي واڌاري لاءِ ڪوششُون سدائين ياد رکيون وينديون. صدر آصف علي زرداري مرحومه جي خاندان، شاگردن ۽ تعليمي برادري سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي پنهنجي رحمت ۾ جاءِ ڏي ۽ سوڳوار خاندان کي صبر ۽ جميل عطا ڪري.










