سعودي عرب مان پارلياماني وفد اسلام آباد پهچي ويو

اسلام آباد-10 نومبر (اي پي پي) سعودي عرب مان بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ پارلياماني وفد اسلام آباد هوائي اڏي تي پهچي ويو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق وفد جي قيادت سعودي شوريٰ ڪائونسل جو نائب چيئرمين عبدالله بن عدم فلاتعه ڪري رهيو آهي. وفد ۾ ڊاڪٽر عثمان هاڪاماني، عبدالله اطلاس ۽ ڊاڪٽر معين المدني شامل آهن. ايئرپورٽ تي وفد جي آجيان سينيٽر نديم احمد ڀٽو ڪئي. …

اسلام آباد-10 نومبر (اي پي پي) سعودي عرب مان بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ پارلياماني وفد اسلام آباد هوائي اڏي تي پهچي ويو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق وفد جي قيادت سعودي شوريٰ ڪائونسل جو نائب چيئرمين عبدالله بن عدم فلاتعه ڪري رهيو آهي. وفد ۾ ڊاڪٽر عثمان هاڪاماني، عبدالله اطلاس ۽ ڊاڪٽر معين المدني شامل آهن. ايئرپورٽ تي وفد جي آجيان سينيٽر نديم احمد ڀٽو ڪئي. ان موقعي تي سينيٽ سيڪريٽريٽ جا سينئر آفيسر به موجود هئا. اها ڪانفرنس 11 کان 12 نومبر تائين اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندي. اها ڪانفرنس امن، سهڪار ۽ پارلياماني رابطن کي هٿي ڏيڻ ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندي ۽ مختلف ملڪن جي پارلياماني وفدن وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندي.

مزید خبریں