اسلام آباد-09نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 27هين آئيني ترميم جي منظوري جي عمل ۾ تعاون تي حڪومت ۽ اتحادي پارٽين جي سينيٽرن جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته سڀني اتحادي پارٽين قومي سوچ جو مظاهرو ڪيو، سياسي ۽ معاشي استحڪام جي ڪري ملڪ جو رُخ دُرست ٿيو آهي ۽ ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن حڪومت ۽ …
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران حڪومت ۽ اتحادي پارٽين جي سينيٽرن جي اعزاز ۾ آجياڻو

مزید خبریں
اسلام آباد-09نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 27هين آئيني ترميم جي منظوري جي عمل ۾ تعاون تي حڪومت ۽ اتحادي پارٽين جي سينيٽرن جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته سڀني اتحادي پارٽين قومي سوچ جو مظاهرو ڪيو، سياسي ۽ معاشي استحڪام جي ڪري ملڪ جو رُخ دُرست ٿيو آهي ۽ ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن حڪومت ۽ اتحادي پارٽين جي سينيٽرن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم حڪومت ۽ اتحادي پارٽين جي سينيٽرن جي آجيان ڪئي ۽ 27 هين آئيني ترميم جي منظوري جي عمل ۾ تعاون تي سندن ٿورا ادا ڪيا. هن چيو ته هو صدر آصف علي زرداري ۽ سڀني اتحادي پارٽين جي اڳواڻن جو ٿورائتو آهي، سڀني اتحادي پارٽين هن قومي سوچ جو ڀرپُور اٿ ڏنو. وفاق جي مضبوطي، ملڪ جي وسيع تر مفادن، صوبن ۾ هم آهنگي وڌائڻ ۽ گورننس بهتر بڻائڻ لاءِ 27هين آئيني ترميم جي لاءِ اسان سڀني گڏجي ڪم ڪيو. وزيراعظم چيو ته هن حڪومت ۾ حاصل ڪيل سڀئي سنگ ميل حڪومت ۽ اتحادي پارٽين جي وچ ۾ گڏيل تعاون جو نتيجو آهن. دُنيا ۾ پاڪستان جون سفارتي ڪاميابيون سڀني اتحادي پارٽين جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ گڏيل اتحاد جون عڪاس آهن. اسان سڀني جي گڏيل ڪوششن سان ئي مُلڪ جو رخ دُرست ٿيو آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي معاشي صورتحال آهستي آهستي بهتر ٿي رهي آهي. خدا جي فضل سان ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي استحڪام جي ڪري ملڪ جو رخ درست ٿيو آهي. هن ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.










