علامه محمد اقبال جي معاشرتي اصولن پاڪستان جي قومي سڃاڻپ تي اڻمٽ نشان ڇڏيا آهن: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد- 09 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته مسلمانن جي سياسي نمائندگي ۽ اسلامي قدرن تي ٻڌل علامه محمد اقبال جي معاشرتي اصولن پاڪستان جي قومي سڃاڻپ تي اڻمٽ نشان ڇڏيا آهن، اڄ اسان علامه محمد اقبال جو پيدائش جو ڏهاڙو ملهائي رهيا آهيون، شاعر مشرق ۽ مفڪر جي ويزن ننڍي کنڊ جي مسلمانن ۾ آزادي ۽ خود اراديت جو شعور بيدار ڪيو. ايوان …

اسلام آباد- 09 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته مسلمانن جي سياسي نمائندگي ۽ اسلامي قدرن تي ٻڌل علامه محمد اقبال جي معاشرتي اصولن پاڪستان جي قومي سڃاڻپ تي اڻمٽ نشان ڇڏيا آهن، اڄ اسان علامه محمد اقبال جو پيدائش جو ڏهاڙو ملهائي رهيا آهيون، شاعر مشرق ۽ مفڪر جي ويزن ننڍي کنڊ جي مسلمانن ۾ آزادي ۽ خود اراديت جو شعور بيدار ڪيو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر آصف علي زرداري علامه محمد اقبال جي پيدائش واري ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته 1930ع ۾ مسلم ليگ جي سالياني اجلاس ۾ پنهنجي تاريخي خطاب ۾ علامه اقبال مسلمانن جي حقن جي تحفظ جي ضرورت تي زور ڀريو جيڪو بعد ۾ هڪ خودمختيار مملڪت بڻيو. صدر مملڪت چيو ته اقبال جو فڪري ۽ ادبي ورثو صرف ان جي لکڻين اسرار خودي، رموز بي خودي ۽ بانگ درا تائين محدود ناهي پر هڪ ورثي ۾ خودي، روحانيت ۽ آزادي جهڙن گهرن موضوعن جو احاطو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته مسلمانن جي سياسي نمائندگي ۽ اسلامي قدرن تي ٻڌل ان جي معاشرتي اصولن پاڪستان جي قومي سڃاڻپ تي اڻمٽ نقش ڇڏيا آهن. صدر مملڪت چيو ته اسان جڏهن ان غير معمولي شخصيت کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا ته ان عزم جي به تجديد ڪريون ٿا ته اسان ان جي اصولن جي پيروي ڪندي هڪ خوشحال، پرامن ۽ متحد پاڪستان جي تعمير لاءِ ڪوشان رهنداسين. هن چيو ته اسان اقبال جي زندگي ۽ تعليم مان رهنمائي حاصل ڪريون ۽ هڪ روشن مستقبل لاءِ متحد ٿي ڪم ڪريون. صدر مملڪت چيو ته الله ڪري ته اقبال جي بصيرت اسان جي ترقي لاءِ مشعل راهه بڻيل رهي ۽ ان جو فڪري ورثو ايندڙ نسلن لاءِ هميشه تحريڪ جو سبب بڻيل رهي.

مزید خبریں