اسلام آباد -09 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي پارٽي جي سينيٽرن جي وزيراعظم کي ڇوُٽ بابت ترميم کي رد ڪندي چيو آهي ته چونڊيل وزيراعظم قانون ۽ عدالت ۾ عوام آڏو جوابده آهي. آچر تي وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته آذربائيجان کان واپسي تي مون کي ٻڌايو ويو ته منهنجي پارٽي جي ڪجهه سينيٽرن سينيٽ ۾ وزيراعظم جي ڇُوٽ بابت هڪ ترميمي …
وزيراعظم پاران پنهنجي پارٽي جي سينيٽرن جي وزيراعظم کي ڇوُٽ بابت ترميم رد

مزید خبریں
اسلام آباد -09 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي پارٽي جي سينيٽرن جي وزيراعظم کي ڇوُٽ بابت ترميم کي رد ڪندي چيو آهي ته چونڊيل وزيراعظم قانون ۽ عدالت ۾ عوام آڏو جوابده آهي. آچر تي وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته آذربائيجان کان واپسي تي مون کي ٻڌايو ويو ته منهنجي پارٽي جي ڪجهه سينيٽرن سينيٽ ۾ وزيراعظم جي ڇُوٽ بابت هڪ ترميمي شق پيش ڪئي، جيڪا ڪابينا پاران منظور ڪيل مسودي ۾ شامل نه هئي. وزيراعظم چيو ته معزز سينيٽرن جو سندن خلوص تي ٿورا مڃيندي مون انهن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي هن ترميم کي فوري طور تي واپس وٺن. چونڊيل وزيراعظم يقيني طور تي قانون ۽ عدالت ۾ عوام آڏو جوابده آهي.










