اسلام آباد -09 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم اين اي جسٽس (ر) افتخار احمد چيمه جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مرحوم جي ڀاءُ ۽ موٽر وي جي اڳوڻي آءِ جي ذوالفقار احمد چيمه ۽ اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر نثار احمد چيمه سان …
وزيراعظم شهباز شريف پاران مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ جسٽس (ر) افتخار احمد چيمه جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد -09 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم اين اي جسٽس (ر) افتخار احمد چيمه جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مرحوم جي ڀاءُ ۽ موٽر وي جي اڳوڻي آءِ جي ذوالفقار احمد چيمه ۽ اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر نثار احمد چيمه سان ٽيليفون تي تعزيت ڪئي. وزيراعظم مرحوم لاءِ مغفرت ۽ پونئرن جي صبر لاءِ دعا پڻ ڪئي ۽ چيو ته مرحوم جي سياسي ۽ عوامي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو.










