اسلام آباد-31 آڪٽوبر (اي پي پي) پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪشميري عوام جي اُميدن تي پورو لهنداسين، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي نالي جو نالو اسلام آباد مان نه ڪشمير مان ٿيندو. پ پ آزاد ڪشمير جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اڄ آزاد ڪشمير جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس هو. پ پ ۽ ڪشمير جي تاريخ سامهون …
ڪشميري عوام جي اُميدن تي پورو لهنداسين، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي نالي جو نالو اسلام آباد مان نه ڪشمير مان ٿيندو: بلاول ڀٽو زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد-31 آڪٽوبر (اي پي پي) پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪشميري عوام جي اُميدن تي پورو لهنداسين، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي نالي جو نالو اسلام آباد مان نه ڪشمير مان ٿيندو. پ پ آزاد ڪشمير جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اڄ آزاد ڪشمير جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس هو. پ پ ۽ ڪشمير جي تاريخ سامهون آهي، پ پ جي بنياد ڪشمير ڪاز سبب رکي وئي هئي. هن چيو ته اسان هر جاءِ تي ڪشمير جو ڪيس وڙهيو آهي، پ پ گذريل چونڊن ۾ ڀرپور حصو ورتو. هن چيو ته غير سياسي سوچ ۽ سازش جي نتيجي ۾ ڪشمير ۾ سياسي خال پيدا ڪيو ويو جنهن ۾ سان عوام کي نقصان پهتو پر پ پ پوءِ به پوئتي نه هٽي ۽ اسيمبليءَ ۾ پارٽي جي نمائندگي ڪندي رهي ۽ اڄ پ پ آزاد ڪشمير ۾ حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ اچي چڪي آهي. هن چيو ته ڪوشش ڪنداسين ته ڪشمير عوام جي اميدن تي پورو لهون، پ پ هڪ جمهوريت تي يقين رکندڙ پارٽي آهي، ان اسيمبليءَ جو جيڪو وقت بچيو آهي اهو پ پ لاءِ امتحان هوندو، پ پ جي وزيراعظم کان وٺي هر ڪارڪن تائين ڪوشش هوندي ته عوام جي مطالبن جو تحفظ ڪري سگهجي. مان اوهان کي مايوس نه ڪندس، مان اوهان جي نمائندگي آزاد ڪشمير سميت هر جاءِ تي ڪندس. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جو نالو اسلام آباد مان نه ڪشمير مان ٿيندو.











