لاهور-31 آڪٽوبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگيءَ واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته پاڪستان جي بيورو ڪريسيءَ کي بدليل حالتن ۽ جديد گهرجن موجب پاڻ کي آءِ ٽي ۽ مصنوعي ذهانت سان هم آهنگ ڪرڻو پوندو ته جيئن حڪمراني کي مؤثر، شفاف ۽ نتيجا ڏيندڙ بڻائي سگهجي. هو نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي لاهور ۾ رٿيل 123هين نيشنل مئنجمينٽ ڪورس ۽ 38هين سينيئر …
بيورو ڪريسيءَ کي بدليل حالتن موجب ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت سان هم آهنگ ٿيڻو پوندو: مصدق ملڪ

مزید خبریں
لاهور-31 آڪٽوبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگيءَ واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته پاڪستان جي بيورو ڪريسيءَ کي بدليل حالتن ۽ جديد گهرجن موجب پاڻ کي آءِ ٽي ۽ مصنوعي ذهانت سان هم آهنگ ڪرڻو پوندو ته جيئن حڪمراني کي مؤثر، شفاف ۽ نتيجا ڏيندڙ بڻائي سگهجي. هو نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي لاهور ۾ رٿيل 123هين نيشنل مئنجمينٽ ڪورس ۽ 38هين سينيئر مئنجمينٽ ڪورس جي سرٽيفڪيٽ ايوارڊز جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. هن ڪورس مڪمل ڪندڙ آفيسرن کي مبارڪون ڏيندي چيو ته پاڪستان جي بيورو ڪريسي نه صرف قابل ۽ تجربيڪار آهي پر قومي ترقي ۽ عوامي فلاح لاءِ پاليسي سازيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته موجوده دؤر ۾ گورننس جا چئلينجز تيزيءَ سان تبديل ٿي رهيا آهن، ان لاءِ انتظاميه ادارن کي به پنهنجي طريقيڪار ۽ سوچ ۾ نواڻ آڻڻي پوندي. وفاقي وزير چيو ته جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان سرڪاري معاملن ۾ شفافيت، تيزي ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ بهتري آڻي سگهجي ٿي. تقريب جي پڄاڻيءَ تي وفاقي وزير ڪامياب آفيسرن ۾ سرٽيفڪيٽس ورهايا ۽ سندن پيشيوراڻين صلاحيتن کي ساراهيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته اهي آفيسر پنهنجي تربيت دوران حاصل ڪيل علم ۽ تجربي کي عملي ميدان ۾ ڪتب آڻي ملڪ جي ترقي ۽ عوامي خدمت جي مشن کي اڳتي وڌائيندا.











