اسلام آباد-31 آڪٽوبر (اي پي پي) محمد امين خان لوڌي کي وفاقي حڪومت طرفان 30 آڪٽوبر 2025ع تي 5 سالن لاءِ اسٽيٽ بئنڪ جو ڊپٽي گورنر مقرر ڪيو ويو. هن ان ئي ڏينهن پنهنجون ذميواريون سنڀالي ورتيون. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري بيان موجب محمد امين لوڌي هڪ تجربيڪار مرڪزي بئنڪار آهي، کيس پاڪستان ۾ زري ۽ مٽاسٽا جي شرح جي پاليسين جي جوڙجڪ ۽ لاڳو ڪرڻ ۾ 26 سالن کان …
محمد امين خان لوڌي کي اسٽيٽ بئنڪ جو ڊپٽي گورنر مقرر ڪيو ويو

مزید خبریں
اسلام آباد-31 آڪٽوبر (اي پي پي) محمد امين خان لوڌي کي وفاقي حڪومت طرفان 30 آڪٽوبر 2025ع تي 5 سالن لاءِ اسٽيٽ بئنڪ جو ڊپٽي گورنر مقرر ڪيو ويو. هن ان ئي ڏينهن پنهنجون ذميواريون سنڀالي ورتيون. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري بيان موجب محمد امين لوڌي هڪ تجربيڪار مرڪزي بئنڪار آهي، کيس پاڪستان ۾ زري ۽ مٽاسٽا جي شرح جي پاليسين جي جوڙجڪ ۽ لاڳو ڪرڻ ۾ 26 سالن کان وڌيڪ جو تجربو حاصل آهي. ڊپٽي گورنر جو عهدو سنڀالڻ کان اڳ هو اسٽيٽ بئنڪ ۾ مانيٽري پاليسي ۽ ريسرچ گروپ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو.











