اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻاڙائي جو رجحان، 100 انڊيڪس 1635.97 پوائنٽس جي گهٽتائي

اسلام آباد- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اربع ڏينهن ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1635.97 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 158465.05 پوائنٽس تي بند ٿيو. مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 478 ڪمپنين جي 951.84 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جنهن جي ماليت 41.30 ارب رپيا هئي. 123 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 314 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 41 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. ڪي ايس اي 30 …

اسلام آباد- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اربع ڏينهن ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1635.97 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 158465.05 پوائنٽس تي بند ٿيو. مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 478 ڪمپنين جي 951.84 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جنهن جي ماليت 41.30 ارب رپيا هئي. 123 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 314 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 41 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 524،48 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 48334.92 پوائنٽس ۽ اسلامي ماليات رکندڙ ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 3133.54 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 229055.34 پوائنٽس تي بند ٿيو. فيوچر ٽريڊنگ تحت 27.31 ارب رپين جا سودا طئي ٿيا. گذريل ڏينهن ڪي اليڪٽرڪ جي 92996672 شيئرز، حيسڪول 53919141 شيئرز ۽ ورلڊ ڪال ٽيلي ڪام جي 51080521 شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي. گلستان سپننگ ملز، بي ايف مضاربه ۽ چڪوال سپننگ ملز سرفهرست ايڊوانسر ڪمپنيون رهيون.