خيبر پختونخوا مان سينيٽ جي جنرل سيٽ تي ننڍي چونڊ لاءِ سموريون تياريون مڪمل

پشاور- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا مان سينيٽ جي جنرل سيٽ تي ننڍي چونڊ لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. پولنگ صبح 9 وڳي کان شام 4 وڳي تائين ٿيندي، 3 اميدوارن ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي. اليڪشن ڪميشن خيبر پختونخوا جي ترجمان مطابق تاج محمد آفريدي، خرم ذيشان ۽ عرفان سليم ۾ مقابلو ٿيندو، 2 اميدوار عابد خان يوسفزئي ۽ نثار خان ريٽائر ٿي ويا. خيبر …

پشاور- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا مان سينيٽ جي جنرل سيٽ تي ننڍي چونڊ لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. پولنگ صبح 9 وڳي کان شام 4 وڳي تائين ٿيندي، 3 اميدوارن ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي. اليڪشن ڪميشن خيبر پختونخوا جي ترجمان مطابق تاج محمد آفريدي، خرم ذيشان ۽ عرفان سليم ۾ مقابلو ٿيندو، 2 اميدوار عابد خان يوسفزئي ۽ نثار خان ريٽائر ٿي ويا. خيبر پختونخوا مان سينيٽ جي جنرل سيٽ تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ (اڄ) خميس 30 آڪٽوبر 2025ع تي منعقد ٿيندي. پولنگ خيبر پختونخوا جي صوبائي اسيمبلي جي عمارت ۾ ٿيندي، اها سيٽ شبلي فراز جي نااهلي سبب خالي ٿي هئي. ڪي پي ڪي جي اليڪشن ڪمشنر سعيد گل کي ريٽرننگ آفيسر جڏهن ته جوائنٽ صوبائي اليڪشن ڪمشنر محمد فريد آفريدي، ڊائريڪٽر اليڪشنز محمد نديم خان، ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڊمن ظهير احمد، ڊپٽي ڊائريڪٽر ميڊيا ڪوآرڊينيشن سهيل احمد، ڊپٽي ڊائريڪٽر اليڪشنز فهد علي شاهه ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر لامحمد امجد کي پولنگ آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي.