ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ جابلو علائقن ۾ صبح ۽ رات جي وقت ۾ ٿڌي رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو

اسلام آباد- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ، جڏهن ته جابلو علائقن ۾ صبح ۽ رات جي وقت ۾ موسم ٿڌي رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق مسلسل خشڪ موسم ۽ فضائي گدلاڻ سبب اوڀر پنجاب جا علائقا ڪوهيڙي جي اثر هيٺ رهڻ جو امڪان آهي. شهرين کي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. گذريل 24 دوران ملڪ جي اڪثر علائقن …

اسلام آباد- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ، جڏهن ته جابلو علائقن ۾ صبح ۽ رات جي وقت ۾ موسم ٿڌي رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق مسلسل خشڪ موسم ۽ فضائي گدلاڻ سبب اوڀر پنجاب جا علائقا ڪوهيڙي جي اثر هيٺ رهڻ جو امڪان آهي. شهرين کي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. گذريل 24 دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ جڏهن ته جابلو علائقن ۾ ٿڌي رهي. پنجاب جي اوڀر علائقن ۾ ڪوهيڙو ڇانئيل رهيو. اربع ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد تربت ۽ لسٻيلو ۾ 38 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.