سيئول- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي بابت مملڪتي وزير ڊاڪٽر شذره منصب علي خان چيو آهي ته پاڪستان جي جامع موسمياتي ايجنڊا پاليسي سڌارن، اخراج ۾ گهٽتائي، موسمياتي لچڪ ۾ اضافو ۽ ڪلائيميٽ فنانس کي هٿي ڏيڻ جهڙن قدمن تي ٻڌل آهي. اهڙو اظهار هن جمهوريه ڪوريا جي گادي واري شهر سيئول ۾ جاري گلوبل گرين گروٿ انسٽيٽيوٽ (جي جي جي آءِ) جي جنرل …
مملڪتي وزير ڊاڪٽر شذره منصب علي خان جي گلوبل گرين گروٿ انسٽيٽيوٽ جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت
سيئول- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي بابت مملڪتي وزير ڊاڪٽر شذره منصب علي خان چيو آهي ته پاڪستان جي جامع موسمياتي ايجنڊا پاليسي سڌارن، اخراج ۾ گهٽتائي، موسمياتي لچڪ ۾ اضافو ۽ ڪلائيميٽ فنانس کي هٿي ڏيڻ جهڙن قدمن تي ٻڌل آهي. اهڙو اظهار هن جمهوريه ڪوريا جي گادي واري شهر سيئول ۾ جاري گلوبل گرين گروٿ انسٽيٽيوٽ (جي جي جي آءِ) جي جنرل اسيمبلي جي 14 هين ۽ ڪائونسل جي 18 هين اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. مملڪتي وزير اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي، هي اجلاس 29 کان 31 آڪٽوبر تائين جاري رهندو. موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطن واري وزارت طرفان جاري بيان موجب ڊاڪٽر شذره منصب علي خان افتتاحي اجلاس کي اهم خطاب ڪيو جنهن جو عنوان عالمي ڪاربن مارڪيٽس تي عمل، ملڪن جا تجربا ۽ 2023ع تائين جون اسٽريٽجڪ راهون هو. ان اجلاس ۾ نيوزي لينڊ، سريلنڪا، سينيگال، ناروي، سويڊن ۽ زيمبيا سميت مختلف ملڪن جي سرڪاري نمائندن، موسمياتي تبديلي جي ماهرن، عالمي ۽ مقامي تنظيمن جي نمائندن ۽ ميڊيا جي ميمبرن شرڪت ڪئي. پنهنجي خطاب مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي ۽ قومي سطح تي غير معمولي عزم ۽ قيادت جو مظاهرو ڪيو آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان جو جامع موسمياتي ايجنڊا پاليسي سڌارا، اخراج ۾ گهٽتائي، موسمياتي لچڪ ۾ اضافو ۽ ڪلائميٽ فنانس کي هٿي ڏيڻ جهڙن قدمن تي ٻڌل آهي. گلوبل گرين گروٿ ويڪ دوران مملڪتي وزير ڊاڪٽر شذره منصب علي خان ناروي جي حڪومت جي وفد ۽ مختلف عالمي تنظيمن جي نمائندن سان اهم ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندي. گلوبل گرين گروٿ انسٽيٽيوٽ هڪ معاهده جاتي عالمي تنظيم آهي جيڪا پائيدار ترقي، ماحولياتي تحفظ ۽ سبز معيشت کي هٿي ڏيڻ لاءِ سرگرم آهي. گڏيل قومن جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون ان اداري جي موجوده چيئرمين ۽ صدر جا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي.اي











