پاڪستان نيوي اسٽاف ڪورس جي 55 هين وفد جو پارليامينٽ هائوس جو مطالعاتي دورو

اسلام آباد- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان نيوي اسٽاف ڪورس جي 55هين بيج جي 114 رڪني وفد پنهنجي اندروني ملڪ جي مطالعاتي دوري دوران پارليامينٽ هائوس جو دورو ڪيو. سينيٽ سيڪرٽريٽ جي سينيئر آفيسرن وفد جي شاندار آجيان ڪئي. سينيٽ سيڪرٽريٽ مان جاري ڪيل بيان موجب سينيٽ جي سيڪريٽري سيد حسنين حيدر وفد کي سينيٽ آف پاڪستان جي ڪردار، ڍانچي، اختيارن ۽ طريقيڪار بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. هن چيو …

اسلام آباد- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان نيوي اسٽاف ڪورس جي 55هين بيج جي 114 رڪني وفد پنهنجي اندروني ملڪ جي مطالعاتي دوري دوران پارليامينٽ هائوس جو دورو ڪيو. سينيٽ سيڪرٽريٽ جي سينيئر آفيسرن وفد جي شاندار آجيان ڪئي. سينيٽ سيڪرٽريٽ مان جاري ڪيل بيان موجب سينيٽ جي سيڪريٽري سيد حسنين حيدر وفد کي سينيٽ آف پاڪستان جي ڪردار، ڍانچي، اختيارن ۽ طريقيڪار بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. هن چيو ته سينيٽ جو بنيادي مقصد قومي هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ ۽ ننڍن صوبن جي حقن ۽ مفادن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ آهي. هن چيو ته سينيٽ قانون سازي، نگراني، احتساب ۽ عوامي نمائندگي جا اهم فرض سرانجام ڏيندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته مٿيون ايوان ملڪي پاليسيون جوڙڻ ۽ جمهوري عمل کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي. بريفنگ دوران وفد گهري دلچسپي جو مظاهرو ڪيو ۽ سوالن جوابن جي سيشن ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي. جنهن ۾ سينيٽ جي سيڪريٽري انهن جي سوالن جا تفصيلي ۽ جامع جواب ڏنا. دوري جي پڄاڻي تي نيوي اسٽاف ڪورس جي ميمبرن سينيٽ سيڪرٽريٽ جي جمهوري طرز واري حڪمراني کي هٿي وٺائڻ ، ادارن ۾ شفافيت جي قيام ۽ پارلياماني نظام کي اثرائتو بڻائڻ ۾ اهم ڪردار جي واکاڻ ڪئي.