آذر بائيجان جي آئين جي 30هين سالگره، باڪو ۾ عالمي پارلياماني ڪانفرنس جاري

اسلام آباد- 29 آڪٽوبر (اي پي پي)آذربائيجان جي آئين جي 30هين سالگره جي سلسلي ۾ گادي واري شهر باڪو ۾ عالمي پارلياماني ڪانفرنس جاري آهي. پارلياماني ڪانفرنس ۾ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني نمائندگي ڪري رهيو آهي. اربع ڏينهن سينيٽ سيڪرٽريٽ مان جاري ٿيل بيان موجب سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني اڄ آذربائيجان ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو ، هو آذربائيجان جي قومي ليڊر حيدر علييوف جي مزار تي حاضري …

اسلام آباد- 29 آڪٽوبر (اي پي پي)آذربائيجان جي آئين جي 30هين سالگره جي سلسلي ۾ گادي واري شهر باڪو ۾ عالمي پارلياماني ڪانفرنس جاري آهي. پارلياماني ڪانفرنس ۾ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني نمائندگي ڪري رهيو آهي. اربع ڏينهن سينيٽ سيڪرٽريٽ مان جاري ٿيل بيان موجب سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني اڄ آذربائيجان ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو ، هو آذربائيجان جي قومي ليڊر حيدر علييوف جي مزار تي حاضري ڀريندو ۽ شهيدن جي ياد ۾ قائم يادگار تي پڻ گلن جي چادر چاڙهيندو. سينيٽ چيئرمين آذربائيجان جي آئين جي 30هين سالگره جي سلسلي ۾ منعقد ٿيندڙ عالمي پارلياماني ڪانفرنس ۾ پڻ شرڪت ڪندو.