پوليو جو خاتمو اسان جي اولين ترجيح آهي: سيد مصطفيٰ ڪمال

اسلام آباد- 29 آڪٽوبر(اي پي پي) صحت بابت وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پوليو جو خاتمو اسان جي اولين ترجيح آهي، وزيراعطم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال رياض ۾ سعودي عرب جي صحت واري وزير فهد بن عبدالرحمن الجلا جي سان ملاقات دوران ڪيو. صحت واري وزارت پاران جاري …

اسلام آباد- 29 آڪٽوبر(اي پي پي) صحت بابت وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پوليو جو خاتمو اسان جي اولين ترجيح آهي، وزيراعطم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال رياض ۾ سعودي عرب جي صحت واري وزير فهد بن عبدالرحمن الجلا جي سان ملاقات دوران ڪيو. صحت واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب ملاقات دوران صحت جي شعبي ۽ گڏيل سهڪار کي هٿي وٺائڻ جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون . ٻنهي وزيرن پاڪستان ۽ افغانستان مان پوليو جي خاتمي جي حوالي سان ڳالهين سميت مستقبل ۾ پوليو مهم بابت پڻ ڳالهيون ڪيون. وفاقي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ تاريخي لاڳاپا مضبوط بنيادن تي قائم آهن. هن چيو ته سال 2025ع دوران هن وقت تائين پوليو جي خاتمي لاءِ چار قومي مهمون منعقد ڪيون ويون آهن جن دوران 45 ملين ٻارن تائين پوليو ويڪسين جي رسائي کي يقيني بڻايو ويو آهي جنهن جي نتيجي ۾ پوليو جي ڪيسن ۾ گهٽتائي آئي آهي جڏهن ته ان جدوجهد ۾ نمايان اڳڀرائي باوجود مشن مڪمل نه ٿيو آهي . سعودي وفد پاڪستان پاران پوليو جي روڪ ٿام لاءِ کنيل قدمن جي تعريف ڪئي ۽ مستقبل ۾ ان حوالي سان سهڪار جاري رکڻ جو يقين ڏياريو.