پاڪستان ۽ چين پاران جديد ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ سهڪار لاءِ مفاهمتي معاهدن تي صحيحيون

اسلام آباد- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل(ايس آءِ ايف سي ) جي سهڪار سان ڪوانٽم ٽيڪنالاجي جي ترقي طرف اهم قدم طور سي پيڪ فيز 2 تحت نيشنل سينٽر فار ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ جو قيام عمل ۾ آندو ويندو. تفصيل مطابق ملڪي معيشت جي استحڪام ۽ ترقي لاءِ ايس آءِ ايف سي پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي . پاڪستان ۽ چين ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ ۽ جديد ٽيڪنالاجي …

اسلام آباد- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل(ايس آءِ ايف سي ) جي سهڪار سان ڪوانٽم ٽيڪنالاجي جي ترقي طرف اهم قدم طور سي پيڪ فيز 2 تحت نيشنل سينٽر فار ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ جو قيام عمل ۾ آندو ويندو. تفصيل مطابق ملڪي معيشت جي استحڪام ۽ ترقي لاءِ ايس آءِ ايف سي پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي . پاڪستان ۽ چين ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ سهڪار لاءِ مفاهمتي معاهدن تي صحيحيون ڪري ڇڏيون . ايس آءِ ايف سي جي سهڪار سان سي پيڪ فيز 2 تحت نيشنل سينٽر فارڪوانٽم ڪمپيوٽنگ جو قيام عمل ۾ آندو ويندو. معاهدي تحت تحقيق ۽ تربيت، ترقي، جدت ۽ ماهرن جي مٽا سٽا ۾ سهڪار کي هٿي ڏني ويندي، اعليٰ ٽيڪنالاجي ۽ جديد تحقيق عيوض نه رڳو ملڪي معيشت مضبوط پر صنعتي ۽ سائنسي ترقي به ممڪن ٿيندي. ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ صحت جي شعبي، توانائي ۽ موسمياتي تبديلي جي تحقيق ۾ به اهم ڪرادار ادا ڪندي. جديد ڪوانٽم ٽيڪنالاجي سائبر سيڪيورٽي، ٽريفڪ ۽ لاجسٽڪس سان گڏوگڏ دفاعي شعبي ۾ به ترقي جي ضامن آهي ، جديد چيني ڪمپنين جي شموليت سان ملڪي معيشت مستحڪم ۽ مقامي صنعتون جديد رجحانن مان فائدو حاصل ڪنديون. پاڪستان کي ترقي جي رستي تي گامزن ڪرڻ لاءِ ڊجيٽل انقلاب ايس آءِ ايف سي جي اولين ترجيحات جو حصو آهي.