افغان طالبان افغانستان جي عوام کي هڪ غير ضروري جنگ ۾ ڌڪڻ چاهين ٿا: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد-29 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته افغان طالبان افغانستان جي عوام کي هڪ غير ضروري جنگ ۾ ڌڪڻ چاهين ٿا، پاڪستان سدائين افغانستان جي عوام جي امن ۽ خوشحالي لاءِ قربانيون ڏنيون آهن، ان افغان طالبان سان ڪيترائي ڀيرا ڳالهيون ڪيون پر افغان ڌر پاڪستان جي نقصانن کان لاتعلق رهي آهي. چئن سالن جي ڊگهي عرصي ۾ انساني …

اسلام آباد-29 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته افغان طالبان افغانستان جي عوام کي هڪ غير ضروري جنگ ۾ ڌڪڻ چاهين ٿا، پاڪستان سدائين افغانستان جي عوام جي امن ۽ خوشحالي لاءِ قربانيون ڏنيون آهن، ان افغان طالبان سان ڪيترائي ڀيرا ڳالهيون ڪيون پر افغان ڌر پاڪستان جي نقصانن کان لاتعلق رهي آهي. چئن سالن جي ڊگهي عرصي ۾ انساني ۽ مالي نقصان برداشت ڪرڻ کانپوءِ هاڻي پاڪستان جو صبر جو پيالو ڀرجي چڪو آهي. پاڪستان قطر، ترڪي ۽ ٻين دوست ملڪن جي مخلصاڻين ڪوششن جو ٿورائتو آهي. پاڪستان جي عوام جي سلامتي قومي ترجيح آهي، پاڪستان جي حڪومت دهشتگردي جي خلاف هر ممڪن قدم کڻندي، دهشتگردن، انهن جي ٺڪاڻن ۽ سهولتڪارن کي ختم ڪرڻ لاءِ سڀ وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا. اربع ڏينهن سوشل ميڊيا پليٽ فارم "ايڪس” تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ آڪٽوبر 2025ع ۾ استنبول ۾ پاڪستان-افغانستان ڳالهين بابت آگاهي ڏيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته ڪابل ۾ اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ پاڪستان ڪيترائي ڀيرا افغان طالبان حڪومت سان ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج (ٽي ٽي پي) ۽ ڀارتي پراڪسي فتنه الھندوستان (بي ايل اي) طرفان مسلسل سرحد پار دهشتگردي جي مسئلي تي ڳالهيون ڪيون. افغان طالبان حڪومت کي بار بار ياد ڏياريو ويو ته هو دوحا معاهدي تحت پاڪستان ۽ عالمي برادري سان ڪيل پنهنجي لکت وارن واعدن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي. تنهن هوندي به پاڪستان جون مخلصاڻيُون ۽ مسلسل ڪوششون ان لاءِ ڪامياب ثابت نه ٿي سگهيُون جو افغان طالبان حڪومت مُسلسل پاڪستان مخالف دهشتگرد عنصرن جي مدد ڪندي رهي آهي. جيئن ته طالبان حڪومت افغان عوام جي حوالي سان ڪنهن به ذميواري جو مُّظاهرو نٿي ڪري ۽ جنگي معيشت تي ڀاڙي ٿي، ان لاءِ هُو افغان عوام کي هڪ غير ضروري جنگ ۾ ڦاسائڻ چاهي ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان سدائين افغانستان جي عوام جي امن ۽ خوشحالي جو خواهشمند رهيو آهي، ان لاءِ آواز اٿاريو آهي ۽ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. انهيءَ جذبي تحت پاڪستان افغان طالبان حڪومت سان ڳالهين جا ڪيترائي دور ڪيا، پر افسوس ته اهي سدائين پاڪستان جي نقصانن کان لاتعلق رهيا. هن چيو ته بدقسمتي سان چئن سالن جي ڊگهي عرصي ۾ انساني ۽ مالي نقصان برداشت ڪرڻ کانپوءِ  پاڪستان جو صبر جو پيالو هاڻي ڀرجي چڪو آهي. هن چيو ته امن کي هڪ ٻيو موقعو ڏيڻ لاءِ پاڪستان قطر ۽ ترڪي جي ڀائر ملڪن جي درخواست تي افغان طالبان حڪومت سان ڳالهيون ڪيون. اهي ڳالهيون پهرين دوحا، قطر ۽ بعد ۾ استنبول ترڪي ۾ منعقد ٿيون. انهن ڳالهين جي واحد ايجنڊا اها هُئي ته افغان طالبان حڪومت اهڙا عملي قدم کڻي جنهن سان افغان سرزمين کي دهشتگرد تنظيمن جي تربيتي ۽ لاجسٽڪ سرگرمين ۽ پاڪستان خلاف دهشتگرد حملن جي اڏن طور استعمال ٿيڻ کان روڪي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان قطر ۽ ترڪي جو ٿورائتو آهي جنهن اهي ڳالهيُون منعقد ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪئي ۽ افغان طالبان حڪومت کي ان ڳالهه تي قائل ڪرڻ لاءِ مخلصاڻيُون ڪوششون ڪيون ته هو پاڪستان خلاف دهشتگرد گروپن کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪري. گذريل چئن ڏينهن جي ڳالهين دوران افغان طالبان وفد ڪيترائي ڀيرا پاڪستان جي ان منطقي ۽ جائز مطالبي سان اتفاق ڪيو ته انهن تنظيمن ۽ دهشتگردن خلاف قابل اعتماد ۽ فيصلائتي ڪارروائي ڪئي وڃي. پاڪستان پاران پيش ڪيل تمام گهڻي ۽ ناقابل ترديد ثبوتن کي افغان طالبان ۽ ميزبان ملڪن قبول پُڻ ڪيو، پر افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته افغان ڌر طرفان ڪنهن به قسم جي خاطري نه ڪرائي وئي. افغان وفد مُسلسل بنيادي مسئلي کان ڪن لاٽار ڪندو رهيو ۽ ان مکيه نقطي کان پاسو ڪندو رهيو جنهن جي بنياد تي ڳالهيون شروع ڪيون ويون هيون. پنهنجي ذميواري مڃڻ بدران افغان طالبان الزام تراشي، ٽال مٽول ۽ بهانا بڻائيندا رهيا. نتيجي ۾ڳالهيون ڪنهن به قابل عمل حل تي نه پهچي سگهيُون. پاڪستان دهشتگردي جي مسئلي جي پرامن حل، ٻنهي ملڪن ۽ مجموعي طور تي خطي جي خوشحالي ۽ سلامتي لاءِ مخلصاڻين ڪوششن ۽ تعاون تي قطر، ترڪي ۽ ٻين دوست ملڪن جي حڪومتن جو دل سان ٿورو ادا ڪري ٿو. پنهنجي شهرين جي سلامتي پاڪستان لاءِ تمام گهڻي اهميت رکي ٿي. اسان پنهنجي عوام کي دهشتگردي جي لعنت کان محفوظ رکڻ لاءِ سڀئي ضروري قدم کڻنداسين ۽ انهن کي يقين ڏياريُون ٿا ته پاڪستان جي حڪومت دهشتگردن، انهن جي ٺڪاڻن، انهن جي سرپرستن ۽ مددگارن کي ختم ڪرڻ لاءِ سڀ ضروري وسيلا ڪتب آڻيندي.