پاڪستان معيشت جي استحڪام ۾ نمايان اڳڀرائي ڪئي، ڪرنسي جي مٽاسٽا جي شرح ۾ استحڪام، پرڏيهي مٽاسٽا واري ناڻي جي ذخيرن ۾ بهتري ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي: سينيٽر محمد اورنگزيب

اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته معاشي استحڪام ۽ ڍانچي جاتي سڌارا هڪٻئي کانسواءِ اڻ مڪمل آهن، ٽيڪس نظام، توانائيءَ جي شعبي، سرڪاري ادارن جي نئين سر جوڙجڪ ۽ پبلڪ فنانس ۾ جاري سڌارا ان ايجنڊا جو بنيادي حصو آهن. سڌارن جي قدمن ۽ معاشي لبرلائزيشن ايسٽ ايشيا موومينٽ جي بنياد رکي سگهي ٿو. هن اها ڳالهه عالمي …

اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته معاشي استحڪام ۽ ڍانچي جاتي سڌارا هڪٻئي کانسواءِ اڻ مڪمل آهن، ٽيڪس نظام، توانائيءَ جي شعبي، سرڪاري ادارن جي نئين سر جوڙجڪ ۽ پبلڪ فنانس ۾ جاري سڌارا ان ايجنڊا جو بنيادي حصو آهن. سڌارن جي قدمن ۽ معاشي لبرلائزيشن ايسٽ ايشيا موومينٽ جي بنياد رکي سگهي ٿو. هن اها ڳالهه عالمي مالياتي فنڊ ۽ عالمي بئنڪ جي سالياني اجلاسن جي موقعي تي واشنگٽن ڊي سي ۾ سي اين بي سي کي خاص انٽرويو ۾ چئي. ناڻي واري وزير پاڪستان جي جاري آءِ ايم ايف پروگرام ۽ روانگي واپار تي ٻَڌل ترقياتي حڪمتِ عملي تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته گذريل هڪ سال دوران پاڪستان ڪُلي معيشت جي استحڪام جي رُخ ۾ اڳڀرائي ڪئي آهي، ڪرنسي جي مٽاسٽا جي شرح ۾ استحڪام، پرڏيهي مٽاسٽا واري ناڻي جي ذخيرن ۾ بهتري، مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ پاليسي ريٽ جي اهم آهنگي جهڙن اهم معاشي اهڃاڻن ۾ نمايان بهتري آئي آهي. ڪريڊٽ ريٽنگ جي ٽنهي وڏين عالمي ايجنسين طرفان پاڪستان جي درجابندي ۾ هاڻوڪي بهتري ملڪ جي اقتصادي رُخ ۽ سڌارن جي ايجنڊا تي عالمي اعتماد جو مظهر آهي. هن چيو ته پاڪستان جو موجوده سڌارن وارو عمل هڪ متوازن حڪمت عملي تي ٻَڌل آهي جيڪو معاشي استحڪام کي گهري ڍانچه جاتي سڌارن سان مربوط ڪري رهيو آهي، معاشي استحڪام ۽ ڍانچه جاتي سڌارا هڪٻئي کانسواءِ اڻ مڪمل آهن، ٽيڪس نظام، توانائيءَ جي شعبي، سرڪاري ادارن جي نئين سر جوڙجڪ ۽ پبلڪ فنانس ۾ جاري سڌارا ان ايجنڊا جو بنيادي حصو آهن. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت ماضيءَ جي لاهن چاڙهن جي معاشي چڪر مان نڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي، ملڪ کي آمدني واپار تي ڀاڙڻ بجاءِ روانگي واپار تي ٻَڌل اؤسر طرف وٺي وڃي رهيا آهيون. ٽيرف سڌارن تحت هڪ جامع نظام لاڳو ڪيو پيو وڃي جنهن جو مقصد صنعتي چٽاڀيٽي ۾ واڌ، خام مال ۽ وچولي شين جي لاڳت ۾ گهٽتائي ۽ روانگي واپار جي شعبي جي حوصله افزائي آهي. عالمي واپاري صورتحال جي روشنيءَ ۾ پاڪستان جي پاليسي ترجيحن جو ذڪر ڪندي وفاقي وزير چيو ته هر ملڪ پنهنجي معاشي ترجيحن موجب پاليسي اختيار ڪندو آهي، پر پاڪستان جو ڌيان تحفظ پسندي بدران چٽاڀيٽي صلاحيت وڌائڻ تي کُتل آهي. اسان صنعتن کي هميشه تحفظ نٿا ڏئي سگهون، اسان جو هدف کين چٽاڀيٽي، ترقي ۽ روانگي واپار جي قابل بڻائڻو آهي. ناڻي واري وزير آمريڪا سان مضبوط ڀائيواري کي ساراهيو ۽ عالمي بئنڪ گروپ طرفان پاڪستان ۾ سڌارن جي ڪوششن ۾ سهڪار تي شڪريو ادا ڪيو. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان ۾ جاري معاشي سڌارن جي قدمن ۽ معاشي لبرلائزيشن سنگاپور جي طرز تي اوڀر ايشيا جهڙي صورتحال جو بنياد رکي سگهي ٿو يعني اهو مرحلو جڏهن ملڪ سنگاپور جيان تيز رفتار ترقي ڪندڙ ايشيائي ملڪن جي طرز تي روانگي واپار تي ٻَڌل معاشي توسيع طرف وڌي سگهي ٿو. سينيٽر محمد اورنگزيب ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان سڌارن جي جاري پاليسين جي تسلسل، معيشت جي مضبوطي، جٽادار ۽ روانگي واپار تي ٻَڌل ترقيءَ جي رستي تي پُرعزم آهي. هن چيو ته اسان سڌارن جي عمل کي برقرار رکنداسين، معيشت کي لچڪدار بڻائينداسين ۽ پاڪستان کي هڪ مستحڪم ۽ اڳتي وڌندڙ معيشت طور دنيا آڏو آڻينداسين.

مزید خبریں