اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب عالمي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ معدنيات، کاڻو کوٽڻ، ڊجيٽل انفراسٽرڪچر، زراعت، تيل ۽ گيس ۽ فارما سيوٽيڪلز شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته حڪومت ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ ۾ پر عزم آهي. اهڙو اظهار هن عالمي مالياتي فنڊ جي مئينيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا سان ملاقات ۾ ڪيو. وچ اولهه، اتر …
ناڻي واري وفاقي وزير جي آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سان ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب عالمي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ معدنيات، کاڻو کوٽڻ، ڊجيٽل انفراسٽرڪچر، زراعت، تيل ۽ گيس ۽ فارما سيوٽيڪلز شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته حڪومت ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ ۾ پر عزم آهي. اهڙو اظهار هن عالمي مالياتي فنڊ جي مئينيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا سان ملاقات ۾ ڪيو. وچ اولهه، اتر آفريقا، افغانستان ۽ پاڪستان خطي جا وزير ۽ اسٽيٽ بينڪ جو گورنر به ملاقات ۾ موجود هو. ناڻي واري وزير اهم مقرر طور شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪيو ۽ انهن کي پاڪستان ۾ معاشي استحڪام حاصل ڪرڻ لاءِ ڪامياب ڪوششن بابت آگاهه ڪيو. ناڻي واري وزير آءِ ايم ايف سان طئي ٿيل اسٽاف سطح جي معاهدي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن ٽيڪسن، توانائي ۽ رياستي ملڪيتي ادارن ۽ نجڪاري جي حوالي سان سڌارن جي عمل کي جاري رکڻ جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ناڻي واري وزير ملڪي مصنوعات جي مسابقت وڌائڻ ۽ روانگي واپار ۾ اضافي جي حوالي سان ڊجيٽل ٽرانسفارميشن ۽ ٽيرف پاليسي بابت قدمن کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته حڪومت غيرملڪي سيڙپڪاري ۾ اضافي لاءِ قدم کڻي رهي آهي ۽ عالمي سيڙپڪارن کي معدنيات، کاڻون کوٽڻ، ڊجيٽل انفراسٽرڪچر، زراعت، تيل ۽ گيس ۽ فارماسيوٽيڪلز جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي.











