ناڻي واري وفاقي وزير جي واشنگٽن ۾ سٽي بئنڪ جي انتظام هيٺ سٽي ميڪرو فورم ۾ شرڪت

اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب واشنگٽن ۾ سٽي بئنڪ جي انتظام هيٺ رٿيل سٽي ميڪرو فورم ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ناڻي وارو سيڪريٽري ۽ اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر پڻ موجود هئا. ناڻي واري وزير سيڙپڪارن کي ملڪ جي مالياتي، مانيٽري پاليسي ۽ پرڏيهي محاذ تي اڳڀرائيءَ بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته اثرائتن قدمن، ڍانچي جاتي سڌارن ۽ …

اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب واشنگٽن ۾ سٽي بئنڪ جي انتظام هيٺ رٿيل سٽي ميڪرو فورم ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ناڻي وارو سيڪريٽري ۽ اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر پڻ موجود هئا. ناڻي واري وزير سيڙپڪارن کي ملڪ جي مالياتي، مانيٽري پاليسي ۽ پرڏيهي محاذ تي اڳڀرائيءَ بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته اثرائتن قدمن، ڍانچي جاتي سڌارن ۽ مانيٽري انتظام معاشي استحڪام جي رفتار کي هٿي ڏني آهي. ناڻي واري وزير ڳالهه ٻولهه دوران آمريڪا سان واپاري معاهدي جي حوالي سان ڪامياب ڳالهين کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان اسٽاف سطح جو معاهدو ٿي ويو آهي. وفاقي وزير سيڙپڪارن جي سوالن جا جواب به ڏنا.

مزید خبریں