راولپنڊي-15 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فوج مهمند ۾ وقت سر ڪارروائي ڪندي 30 خوارجي ماري ڇڏيا. سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪ فوج جي سخت جوابي ڪارروائي افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج کي ڀڄائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. افغان طالبان پاران فتنه الخواج جي مدد سان هڪ وڏو جٿو مهمند طرف موڪلڻ جي ڪوشش پاڪ فوج ناڪام بڻائي ڇڏي. اها ڪارروائي ترڪمان زئي علائقي مان دخل اندازي ذريعي دهشتگردي ڦهلائڻ خلاف …
پاڪ فوج جي مهمند ۾ ڪارراوئي، 30 خوارجي مارجي ويا

مزید خبریں
راولپنڊي-15 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فوج مهمند ۾ وقت سر ڪارروائي ڪندي 30 خوارجي ماري ڇڏيا. سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪ فوج جي سخت جوابي ڪارروائي افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج کي ڀڄائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. افغان طالبان پاران فتنه الخواج جي مدد سان هڪ وڏو جٿو مهمند طرف موڪلڻ جي ڪوشش پاڪ فوج ناڪام بڻائي ڇڏي. اها ڪارروائي ترڪمان زئي علائقي مان دخل اندازي ذريعي دهشتگردي ڦهلائڻ خلاف هئي. اها دخل اندازي پاڪ فوج جي ڀرپور جوابي ڪارروائي جي شڪست جو بدلو وٺڻ جي ناڪام ڪوشش هئي. آپريشن هن وقت به جاري آهي ۽ وڌيڪ خوارجين جي مارجي وڃڻ جا اطلاع آهن.











