افغان طالبان طرفان چمن ۾ پاڪ- افغان دوستي گيٽ کي تباهه ڪرڻ جي ڪوڙي پروپيگنڊا بي نقاب

راولپنڊي-15 آڪٽوبر (اي پي پي) چمن ۾ پاڪ افغان دوستي گيٽ تي افغان طالبان جي هڪ ٻي پروپيگنڊا بي نقاب ٿي وئي. افغان طالبان پنهنجي طرف کان گيٽ تباهه ڪري ان کي پاڪستان طرفان موجود حصو ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سيڪيورٽي ذريعن موجب وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پاڪستان طرفان موجود پاڪ افغان دوستي گيٽ مڪمل طور تي ٺيڪ حالت ۾ آهي. افغان طالبان ۽ خوارجي ڪالهه رات …

راولپنڊي-15 آڪٽوبر (اي پي پي) چمن ۾ پاڪ افغان دوستي گيٽ تي افغان طالبان جي هڪ ٻي پروپيگنڊا بي نقاب ٿي وئي. افغان طالبان پنهنجي طرف کان گيٽ تباهه ڪري ان کي پاڪستان طرفان موجود حصو ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سيڪيورٽي ذريعن موجب وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پاڪستان طرفان موجود پاڪ افغان دوستي گيٽ مڪمل طور تي ٺيڪ حالت ۾ آهي. افغان طالبان ۽ خوارجي ڪالهه رات پنهنجي 100 کان وڌيڪ دهشتگردن جي مارجڻ سبب مڪمل حواس وڃائي چڪا آهن. افغان طالبان ڪوڙي سوشل ميڊيا پروپيگنڊا ذريعي پنهنجي شڪست ۽ نقصان کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. افغان طالبان ڪوڙي پروپيگنڊا جي ان روش تي هلي رهيو آهي جنهن تي ڀارتي ميڊيا هلي رهيو آهي.

مزید خبریں