راولپنڊي-15 آڪٽوبر (اي پي پي) افغان طالبان حڪومت جي ترجمان پاران پاڪ فوج جي ٽينڪن تي قبضي جي ڪوڙي دعويٰ بي نقاب ٿي وئي. سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪ فوج جي سخت ۽ ڇِتي جوابي ڪارروائي افغان طالبان کي گهٻراهٽ جو شڪار ڪري ڇڏيو. شڪست کاڌل افغان طالبان وڏي جاني ۽ مالي نقصان کڻڻ کانپوءِ ڪوڙي پروپيگنڊا جو سهارو وٺڻ تي مجبور آهن. افغان طالبان جي ترجمان سوشل ميڊيا تي پروپيگنڊا …
افغان طالبان حڪومت جي ترجمان پاران پاڪ فوج جي ٽينڪن تي قبضي جي ڪوڙي دعويٰ بي نقاب

مزید خبریں
راولپنڊي-15 آڪٽوبر (اي پي پي) افغان طالبان حڪومت جي ترجمان پاران پاڪ فوج جي ٽينڪن تي قبضي جي ڪوڙي دعويٰ بي نقاب ٿي وئي. سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪ فوج جي سخت ۽ ڇِتي جوابي ڪارروائي افغان طالبان کي گهٻراهٽ جو شڪار ڪري ڇڏيو. شڪست کاڌل افغان طالبان وڏي جاني ۽ مالي نقصان کڻڻ کانپوءِ ڪوڙي پروپيگنڊا جو سهارو وٺڻ تي مجبور آهن. افغان طالبان جي ترجمان سوشل ميڊيا تي پروپيگنڊا پوسٽ شيئر ڪري ڪوڙ ڦهلائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي. وڊيو ۾ تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ٽي 55 ٽينڪ پاڪستاني فوج کان کسيو ويو آهي، روسي ساخت رکندڙ ٽي 55 ٽينڪ حقيقت ۾ افغان طالبان جي استعمال هيٺ آهي. پاڪستان جي هٿياربند فوج افغان طالبان جي حملي کي اثرائتي طريقي سان ناڪام ڪري ڇڏيو آهي. پاڪ فوج افغان طالبان جي ڪوڙي پروپيگنڊا باوجود عزم ۽ حوصلي سان وطن جي دفاع ۾ مصروف آهي.











